پاڪستانسنڌ

اسان سان ڏاڍ ڪندڙن سان به زيادتي نه ٿيڻ گهرجي:مريم نواز

لاهور: نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل جي ڊرائيور جي زال کي معصوم نياڻي سميت حراست ۾ وٺڻ جي مذمت ڪندي عورت کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ٽوئيٽر تي هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار ٻارڙي جي تصوير جاري ڪندي سوال ڪيو ته آهي ڪير ٻڌائڻ وارو ته هن معصوم ٻارڙي ۽ سندس ماءُ جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ شهباز گل کانپوءِ ڀلي پارٽي ليڊر عمران خان يا ٻين اڳواڻن کي به گرفتار ڪيو پر معصوم ٻارڙي ۽ سندس ماءُ کي فوري طور آزادي ملڻ گهرجي. اهڙي ٽوئيٽ جي ردعمل ۾ نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ لکيو ته منهنجي اطلاعن موجب عورت سان گڏ ٻارڙي موجود ناهي پر ٻارڙي جي ماءُ کي به ڇڏڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته مون راڻا ثنا الله سان ڳالهايو آهي، ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيڻ گهرجي، جن اسان سان ڏاڍ ڪيو انهن سان به زيادتي نه ٿيڻ کپي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button