پاڪستانسنڌ

پاڪ- برطانيا لاڳاپا دوستي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن:آرمي چيف

لنڊن: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا رائل ملٽري اڪيڊمي لنڊن جو دورو ڪري پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو آهي. پاڪ فوج جي سربراهه برطانيا جي سينڊ برسٽ رائل ملٽري اڪيڊمي ۾ ٿيل 213 هين ريگولر ڪميشننگ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي جنرل قمر جاويد باجوا مختلف ڪيڊٽس سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن جذبي کي ساراهيو. رائل ملٽري اڪيڊمي جي 213 هين ريگولر ڪورس ۾ برطانيا سان گڏوگڏ 26 ملڪن جي 41 ڪيڊٽس شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (پي ايم اي) ڪاڪول جي محمد عبدالله ۽ ڪيڊٽ مجتبيٰ به پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ حصو ورتو. آرمي چيف پاس آئوٽ ٿيندڙ سمورن ڪيڊٽس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هاڻوڪي دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نوجوان جديد ٽيڪنالوجي مان فائدو حاصل ڪن، پاڪستان ۽ برطانيا جا لاڳاپا دوستي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا تاريخي لاڳاپا ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button