اسلام آباد:ايف آ اي تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف انفارميشن وزارت ۽ پي ٽي وي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ دوران اهم ثبوت ملڻ جي دعويٰ ڪندي سندس جلد گرفتاري جو اشارو ڏنو آهي. واضح رهي ته فواد چوڌري سڌ سما ۽ براڊ ڪاسٽنگ واري وزارت جو وفاقي وزير رهي چڪو آهي. ذريعن موجب فواد چوڌري ڪنهن به وقت گرفتار ٿي سگهي ٿو. ٻڌايو پيو وڃي ته فواد چوڌري ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن خلاف ڪرپشن جا وڏا ثبوت مليا آهن، تنهن ڪري اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته فواد چوڌري جي گرفتاري ويجهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close