پاڪستانسنڌ

گهوٽڪي جي ڪچي جي ڌاڙيلن ٻن يرغمالين جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي

گهوٽڪي: ايس ايس پي گهوٽڪي پاران ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ڌاڙيلن ردعمل ۾ ٻن مغوين جي وڊيو جاري ڪري ڪندي ايس ايس پي کي چئلينج ڏئي ڇڏيو، خبر موجب ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو طرفان ڪچي ۾ آپريشن جي اعلان کانپوءِ ڌاڙيل سرگرم ٿي ويا آهن، جنهن بعد ڌاڙيلن اغوا ٿيل ٻن مغوين جي وڊيو جاري ڪئي آهي، جيڪا وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ڌاڙيلن کي ٻن مغوين مٿان تشدد ڪندي به ڏسي سگهجي ٿو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪيترائي مغوي گهوٽڪي جي ڪچي جي آدم جو ٻنڊو ۾ بدنام ڌاڙيل عبدالقادر جاگيراڻي ۽ رائونتي جي ڪچي ۾ راحب شر وٽ قيد آهن، هٿ آيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل پنجاب واسي عمران احمد ۽ ڪراچي واسي عبدالله کي عورتاڻي آواز ۾ گهرائي اغوا ڪرڻ بعد زنجيرن سان ٻڌي تشدد ڪري ٻنهي مغوين کان 45 لک روپيا ڀنگ طلب ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، زنجيرن ۾ جڪڙيل مغوي وارثن کي ڀنگ جا پئسا ڏيڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڀنگ جا پئسا نه ڏيڻ تي ڌاڙيلن پاران قتل ڪري لاش درياءَ ۾ لوڙهڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button