پاڪستانسنڌ

خورشيد شاهه فلم ۾ هيرو بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

سکر: وفاقي وزير خورشيد شاهه به فلم جو هيرو بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو. سکر اروڙ يونيورسٽي جي تقريب ۾ وفاقي وزير خورشيد شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي جتي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ثمرين حسين ۽ خورشيد شاهه وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي. خورشيد شاهه يونيورسٽي ۾ ڳالهائيندي چيو ته يونيورسٽي ۾ ميوزڪ شعبو ٺاهڻ جو پلان ڪيو پيو وڃي جئين شاگرد پنهنجو روزگار پاڻ ڳولي سگھن، نجي ڪمپني سان فلم ميڪنگ پراجيڪٽ جي حوالي سان ايم او يو سائن ڪرڻ وڃي رهيا آهيون پر شرط اهو آهي ته ان فلم ۾ هيرو آئون ٿيندس. وفاقي وزير جي بيان تي يونيورسٽي جي وي سي ثمرين حسين مذاق ۾ چيو ته جيڪڏهن هيرو توهان هوندو ته هيروئن مونکي ٿيڻو پوندو، ان تي خورشيد شاهه چيو ته ڊاڪٽر عاصم حسين مونکي ماري ڇڏيندو، ٻنهي وچ ۾ هن دلچسپ جملن کانپوءِ خوب ٽهڪڙا لڳا. اروڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ثمرين حسين پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين جي گھر واري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button