اسلام آبادپاڪستان

بغاوت ڪيس ۾ گرفتار شهباز گل طرفان ضمانت جي درخواست داخل

اسلام آباد: ادارن خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي ڪيس ۾ گرفتار پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. شهباز گل پاران سيشن ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ سان حساب برابر ڪرڻ لاءِ ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو، جاچ ۾ پوليس ڪي به الزام ثابت ناهي ڪري سگھي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، تنهن ڪري گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست منظور ڪئي وڃي. ياد رهي ته اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ عمران خان جي چيف آف اسٽاف شهباز گل کي 9 آگسٽ تي بني گالا چوڪ تان گرفتار ڪيو هو. شهباز گل تي ادارن خلاف چڙ ڏياريندڙ بيانن ۽ ان جي سربراهن خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ سوڌو 10 ڪيس داخل آهن. گذريل ڏينهن عدالت شهباز گل جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي پوليس جي درخواست رد ڪندي کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button