پاڪستانسنڌ

پاڪستان سياستدانن ٺاهيو،سياستدان ئي تعمير ڪندا رهندا آهن:آصف زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ نوجوانن جو بي مثال ڪردار آهي ۽ اهي نوجوان ئي پاڪستان جو مستقبل آهن. نوجوانن جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته بيروزگاري سبب نوجوان احساس محرومي جو شڪار ٿيندا آهن پر پ پ جڏهن به اقتدار ۾ آئي، نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته پاڪستان سياستدانن ٺاهيو هو ۽ سياستدان ئي ان جي تعمير ڪندا رهندا آهن ۽ سياستدانن جي ڪردارڪشي جو سلسلو تمام پراڻو آهي پر ايندڙ نسلن کي باوقار ۽ مهذب معاشرو ڏيڻ لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته پ پ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي فلسفي موجب نوجوانن کي بهتر مستقبل ڏيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button