پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ روپوش ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڀرپور ڪارروائي جو اعلان

ڪراچي : آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ روپوش جوابدارن جي گرفتاري يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته مختلف قسم جي ڏوهن ۾ ملوث روپوش جوابدارن جي گرفتارري لاءِ ڪريڪ ڊائون ڪيو وڃي.صوبي جي امن امان جي حوالي سان آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اعلي سطح جو ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سمورن آفيسرن کي ضروري هدايتون ڏنيون ويون آهن. مختلف قسم جي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن ۽ سندن سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ زونل، ضلعي ۽ علائقائي سطح تي جوڳي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. هن اجلاس ۾ شامل سمورن آفيسرن کي چيو ته شهرين جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ، سندن شڪايتن تي فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ ڏوهن خلاف ڪارڪردگي هر صورت اثرائتو ۽ ڪامياب بڻايو وڃي. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته قبضا مافيا ۽ حددخلين خلاف صوبائي سطح تي ايڪشن کنيو وڃي ۽ اهڙن ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪندي انصاف ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته سمورن ٿاڻن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، پوليسنگ جي عمل ۾ ميرٽ تي عورت پوليس آفيسرن کي به اهم پوسٽن تي ذميواريون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button