اسلام آبادپاڪستان

مشهور صحافي جاويد چوڌري کي ستارا امتياز سان نوازيو ويو

اسلام آباد:حڪومت ملڪ جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي ملڪ جي مڃيل صحافي جاويد چوڌري کي ستارا امتياز سان نوازڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جاويد چوڌري گذريل 30 سالن کان صحافت جي شعبي سان واڳيل آهي. هو زيرو پوائنٽ جي ٽائٽل سان 25 سال کان لاڳيتو ڪالم لکي رهيو آهي. سندس ڪالم مختلف قومي توڙي بين القوامي سروي موجب سڀ کان وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا. هو ڪل تڪ جي عنوان سان 15 سالن کان مقبول سياسي ٽاڪ شو پڻ ڪري رهيو آهي. هو سوشل ميڊيا تي پڻ سرگرم رهيو آهي، سندس نيوز ويب سائيٽ جاويد سي ايڇ ڊاٽ ڪام ملڪ جو پهريون نيوز پورٽل آهي. هو مائينڊ چينجر جي نالي سان لائيف ڪوچنگ ۽ آ بيڪس جي نالي سان ملڪ جي وڏي ٽوئرزم ڪمپني به هلائي رهيو آهي. هن 8 ڪتاب پڻ لکيا آهن ۽ اڌ دنيا گهمي ويٺو آهي. جاويد 16 سالن کان ايڪسپريس گروپ سان لاڳاپيل رهيو آهي. هن 25 سالن جي ڄمار ۾ اي پي اين ايس جو بيسٽ ڪالمسٽ ايوارڊ ۽ 1997ع ۾ نيشنل ينگ جرنلسٽ ايوارڊ پڻ کٽيو هو. جڏهن ته ايڪسپريس ميڊيا گروپ جا سمورا ورڪرز ۽ مئنجمينٽ انهي ايوارڊ تي دلي خوشي جو اظهار ڪري ٿي ۽ جاويد چوڌري کي مبارڪون پڻ ڏنيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button