پاڪستانسنڌ

سنڌ سرڪار برسات سبب متاثر 9 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي :سنڌ سرڪار 9 ضلعن ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال سبب متاثر ٿيل علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ تازين برساتن سان ٿيندڙ تباهيءَ کانپوءِ 9 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، صوبي جي 9 ضلعن جون 723 ٻهراڙيون آفت سٽيل قرار ڏنيون ويون آهن. ٺٽو، قمبر شهدادڪوٽ، مٽياري، بدين، ڄامشورو، دادو، سانگهڙ، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ متاثر ٿيل علائقا آفت سٽيل قرار ڏنا ويا آهن. سنڌ سرڪار طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته آفت سٽيل علائقن ۾ تازين برساتن دوران زراعت، بُنيادي ڍانچي ۽ چوپائي مال سميت تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. تازين برساتن دوران جن ضلعن ۾ زرعي ايراضي ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي، انهن ۾ ٺٽو، ڄامشورو، دادو، بدين، قمبر – شهدادڪوٽ، نوشهرو فيروز، خيرپور، مٽياري ۽ سانگهڙ شامل آهن. ڄاڻايل ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ۽ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. واضح رهي ته سنڌ جي وڏي وزير وفاقي حڪومت کان آفت سٽيل علائقن ۾ قرض جون قسطون معاف ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button