ڊگھڙي: ڊگھڙي شهر ۾ جشن آزادي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. مک تقريب ٽائون ڪميٽي ۾ ٿي، مک تقريب ۾ خاص مهمان پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي مير طارق خان ٽالپر جهنڊو ڦڙڪايو ۽ پوليس جي جوانن سلامي ڏني. تقريب ۾ اڳوڻي ٽائون چيئرمين مير ذوالفقار علي ٽالپر، اي سي، مختيارڪار، ڊي ايس پي مير آفتاب ٽالپر، ٽي اي او درم حمد شالماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي مير طارق علي خان ٽالپر چيو ته پاڻ عظيم ملڪ جي عظيم قوم آهيون، جيڪڏهن پاڻ چاهيون ٿا ته ملڪ ترقي ڪري ته سياستدانن کي عوام جي خدمت ڪرڻي پوندي. ٻئي پاسي گورنمينٽ بوائز هائي اسڪول اشاعت القران ۾ تقريب دوران شاگردن تقريرن، گيتن ۽ ٽيبلوز ذريعي وطن کي ڀيٽا پيش ڪئي. تقريب کي هيڊماسترياڻي حرا لغاري خطاب ڪندي چيو ته شاگرد علم حاصل ڪري پنهنجي والدين، استادن ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. هوڏانهن سني رابطا ڪائونسل جي ڪارڪنن محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين مولانا نظير حيدري، حافظ عمير مسعود، قاري محسن، زاهد عمران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. الاظھر پبلڪ اسڪول ۾ منعقد تقريب جو خاص مهمان ٽي اي او درمحمد شالماڻي هو. تقريب ۾ سينيئر استادن لالا محمد اسحاق، منظور علي خان قائمخاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اڳوڻي چيئرمين مير ذوالفقار علي ٽالپر ۽ ٽائون انتظاميا تعلقي اسپتال ۾ مريضن ۾ مٺائي ورهائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close