فريدآباد: ڪاڇي ۾ برسات رڪجي نه سگھي. ڪاڇي جا 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي جي گھيري ۾ آهن. تازو نئين دلان، نئين سگرو، نئين ٻوري، سالاري ۽ نئين مزاراڻي وھي آيون، جنهن بعد ٻوڏ جي پاڻي ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ڪاڇي جا ڳوٺ علي بخش تيوڻو، ولي محمد رند، ڀنڀا ڏيرا، ڇٽو ميرواڻي، سڄڻ ميرواڻي، علي گوھر چانڊيو ڳوٺن جا زميني رستا شھرن کان ڪٽجي ويا آهن، رھواسين کي کاڌ خوراڪ، ٽينٽ ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي ملي نه سگھيو. جڏهن ته آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري، ڊي سي دادو، اي سي ميھڙ فريد آباد ٻوڏ جي پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺن جو جائزو وٺڻ ۽ واھر ڪرڻ لا نه پھتا، جنهن سب ڪاڇي جا رھواسي بي يارو مددگار آهن. ڳوٺ ڀنڀا ڏيرا جي رھواسين سياسي سماجي اڳواڻ ميھر علي ڏيرو، عبدالفتاح ڏيرو، محمد جمن ڏيرو، علي حسين ڏيرو ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب فريدآباد اڳيان پھچي احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ٻوڏ جي پاڻي ۽ نين جي پاڻي اسان جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، ڪاڇي ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ آهي، رستا بند ھجڻ ڪري شھر اچي وڃي نٿا سگھون، پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي، ٻوڏ جو کارو پاڻي پيئڻ سان پيٽ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا وٺجي ويا آهن، ڪير به اسان جي مالڪي ڪرڻ لا تيار ناھي. ھنن چيو ته وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت فريدآباد يوسي کي آفٽ سٽيل قرار ڏنو آهي، پر چونڊيل نمائندن سميت ڪنهن به مدد ناهي ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close