پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ آزادي ڏهاڙي جي خوشي ۾ آتشبازي، ميوزيڪل پروگرام ۾ جشن

مٺي: مٺي جي هائي اسڪول گرائونڊ تي ڪوٺايل جشن آزادي ڏهاڙي جي پرچم ڪشائي واري تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر عبدالحفيظ سيال ۽ ايس ايس پي سردار حسن نيازي سميت ڪامورن، واپارين ۽ شھرين توڙي اسڪولن جي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب بعد جشن آزادي جي رنگا رنگي تقريبن ۽ ريلين جو سلسلو شروع ٿي ويو. بي آئي ايف ۽ شاگردن ڌار ڌار ريليون ڪڍيون. هوڏانهن هائي اسڪول، صادق فقير ڊگري ڪاليج ۽ گرلس هائي اسڪول سميت مختلف ننڍن وڏن تعليمي ادارن ۾ جشن آزادي جون رنگا رنگي تقريبون منعقد ڪيون ويون. شاگردن قومي گيتن، ٽيبلوز، اسٽيج ڊرامن ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتو. جشن آزادي جي ڏينهن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سياحن ٿر جو رخ ڪيو. گڍي ڀٽ تي آل واپاري ايسوسيئيشن جشن آزادي ميوزيڪل پروگرام رکيو ۽ پاڪستان جي آزادي جو ڪيڪ ڪاٽي آتشبازي ڪئي. ميوزيڪل پروگرام ۾ ڀلوڙ راڳين نزاڪت صادق فقير، فقير زوار حسين، عباس فقير، جاويد مراد فقير، مريم ناز، پيارو فقير، زاهده فقير ۽ ٻين فنڪارن محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. پروگرام ۾ واپاري اڳواڻن حاجي اسلم قائمخاني، شامداس لهاڻو، انيل سوني، سروپ ساڌواڻي، چندن سنگهه ٺڪر، بهادر سنگهه ٺڪر ۽ ٻين خطاب ڪيو. هوڏانهن ماروي اسپورٽ گرائونڊ تي جشن آزادي ملاکڙو ٿيو، جنهن ۾ ملھه پهلوانن وچم مقابلا ٿيا. ٿر جي پهلوان رجب راهمون مختلف ضلعن جي پهلوانن کي ملهون ماري پهريون نمبر حاصل ڪيو. جڏهن ته مراد پنهور، غلام فريد شاهاڻي، شريف موسيپوٽو، ارشد موسيپوٽو، ڀوڄو ڀيل، ڀمرو ڀيل، بالو خاصخيلي، پرويز خاصخيلي، نديم نهڙيو، فاروق شاهاڻي، ارباب خاصخيلي، شفن ميگهواڙ، ملوڪ کوسو، گيان ڀيل، محمود ڌونڪائي، عالم ڪنڀار، امير لنڊ،رسول بخش ولاڻو ۽ ٻين پهلوانن بهترين مقابلا ڪري داد ۽ انعام حاصل ڪيو. ملاکڙي جي سربراهي سينيئر پهلوانن ملوڪ نهڙيو، ڏاهو ڀيل ۽ پيربخش ٻٻر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button