اسلام آبادپاڪستان

آزادي ڏهاڙي جو جشن/پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو،نيشنل ڊائلاگ جي ضرورت آهي:وزيراعظم

اسلام آباد :سڄي ملڪ ۾آزادي ڏهاڙي جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي. پاڪستان جي 75 هين آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات خاص دعائن سان ڪئي وئي.ملڪ جي سرڪاري توڙي خانگي آفيسن، ادارن سميت جي ايڇ ڪيو، پاڪستان آرمي جي مختلف فارميشنز ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ ملڪ ۽ قوم لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا ۽ لاهور ۾ 21-21 توبن جي سلامي ڏني وئي. جڏهن ته رياست آزاد ڪشمير جي گادي واري هنڌ مظفرآباد ۾ به 21 توبن جي سلامي ڏني وئي. نوجوان پاڪستان جو جهنڊو ۽ لغڙيون کڻي رستن تي نڪري آيا، گهٽين، روڊن رستن، چونڪن کي رنگين جهنڊين سان سجايو ويو. ان کانسوا سرڪاري عمارتن کي روشن ڪيو ويو. ملڪ جي ڊائمنڊ جوبلي جي خوشي ۾ نوجوانن جهمريون هنيون. آزادي ڏهاڙي تي مزار قائد تي گارڊن جي تبديلي، پاڪستان نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس مزار قائد تي اعزازي گارڊ جا فرض سنڀالي ورتا. اقبال جي مزار تي گارڊ تبديل ٿيڻ واري تقريب پاڪ آرمي جي جوانن گارڊز جون ذميواريون سنڀالي ورتيون. وزيراعظم شهبازشريف پاڪستان جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي نهايت بهترين انداز ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪيل قومي ترانو جاري ڪيو. جشن آزادي جي مناسبت سان سرڪاري ۽ خانگي عمارتن سان گڏوگڏ گهٽين بازارن ۽ عمارتن کي پاڪستاني جهنڊن ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويو. جڏهن ته قومي پرچم پينٽنگز، پاڪستان جي بانين جا بورٽريٽس، پوسٽرز ۽ بينر به هنڌ هنڌ نظر آيا. ٻئي پاسي صدر ڊاڪٽر عارف علوي لاڳاپيل شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪستاني ۽ پرڏيهي شهرين کي سول اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هي اعزاز 23 مارچ 2023 تي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ ڏنا ويندا. هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان جي 75هين آزادي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي حيثيت سان اڄ اسان کي پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو، تنهنڪري اسان کي نيشنل ڊائلاگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. وطن عزيز مقدس امانت ۽ مشن آهي، مشن کي پورو ڪرڻ ۾ اسان سڀني کان گڏيل ڪوتاهيون ٿيون. اسان کي پنهنجن وڏڙن وانگر پاڪستان کي دنيا جي معاشي قوت بنائڻ جو وچن ڪيو آهي. جڏهن قومون ڪو مقصد طئي ڪري وٺنديون اهن ته پوءِ ڪائي طاقت ان منشور کي حاصل ڪرڻ کان روڪي نٿي سگهي. بهادر هٿياربند فوج سان گڏجي دشمن جا ناپاڪ ارادا ناڪام ڪري ڇڏينداسين. اسان جوهري قوت بڻجي سگهون ٿا ته معاشي قوت ڇو نه؟ جناح ڪنوينشن ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته اسان الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون جو اسان پاڪستان جو 75هون آزادي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. اسان سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي آزادي ڏهاڙِ جي مبارڪ ڏيون ٿا ۽ پاڪستان جي تعميل ۽ ترقي ۾ ان جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته تازو ئي بلوچستان ۾ ٿيندڙ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ماڻهو پنهنجن پيارن کان محروم ٿي ويا الله تعاليٰ فوتين کي پنهنجي جنگ ۾ جڳهه ڏي ۽ زخمين کي صحت ڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ جو داستان اسان جي لاءِ هڪ سبق آهي جڏهن قومون ڪو مقصد طئي ڪري وٺن ٿيون ته پوءِ ڪابه طاقت اهو مقصد پورو ڪرڻ کان نٿي روڪي سگهي. شهبازشريف چيو ته علامه محمد اقبال جي فڪر مان نڪرندڙ لاٽ بابت مخالف نااميدي ۽ مايوسي پکيڙيندا هئا ته پاڪستان ڪڏهن به قائم نٿو ٿي سگهي پر پاڪستان اڏيندڙن جي عظمت کي سلام آهي جن جي جدوجهد ۽ ازم نااميدي ۽ مايوسين کي شڪست ڏني ۽ اڄ اسان هڪ آزاد، خودمختار جمهوري ملڪ جي هوائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته وطن جي قيام ۾ رڳو مسلمانن ئي نه پر اقليتي برادري به پنهنجو ڀرپور حصو وڌو، اسان انهن کي به سلام پيش ڪريون ٿا. وزيرعظم چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي شروعات ڪئي ۽ منهنجي قائد محمد نوازشريف ان کي مڪمل ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button