اسلام آبادپاڪستان

عمران چيف اليڪشن ڪمشنر تي ڪوڙا الزام مڙهيا:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان پاران لڳايل سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان مطابق عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر تي بيهوده الزام مڙهيا. اليڪشن ڪميشن عمران خان جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي انهن کي رد ڪري ٿو. ياد رهي ته عمران خان گذريل ڏينهن لاهور ۾ آزادي جلسي کي خطاب ڪندي چيو هو ته اسان جي حڪومت ڪيرائيندڙ هاڻي هڪ ٻي سازش ڪري رهيا آهن، انهن منهنجي خلاف ڪيس ٺاهڻ جو پلان رٿيو آهي. اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان انهن جي پوري مدد ڪئي پر کين بري طرح شڪست ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button