پاڪستان

شهباز گل جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست تي نوٽيس جاري

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي چيف آف اسٽاف شهباز گل جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست تي کيس اڄ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. وقتي چيف جسٽس عامر فاروق بغاوت تي اڪسائڻ جي ڪيس ۾ شهباز گل جو جسماني رمانڊ رد ڪرڻ خلاف درخواست تي شنوائي ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد بئريسٽر جهانگير جدون، اسپيشل پراسيڪيوٽر چوڌري حسيب ۽ راجا رضوان عباسي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ موقف اختيار ڪيو ته شهباز گل طرفان اداري کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، هن ٽي وي چئنل تي هڪ بيان ڏنو، جنهن جو حڪومت سنجيدگي سان نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪيو، ڇو ته شهباز گل جي بيان ۾ ان رياستي اداري کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، جنهن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. عدالت چيو ته هڪ فيڪٽ اهو آهي ته توهان جي نظرثاني درخواست خارج ٿي، ٻيو جسماني رمانڊ ختم ٿي چڪو آهي، اهو ٻڌايو ته وڌيڪ جسماني رمانڊ جو ڇا ڪرڻو آهي؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته موبائل فون، ليپ ٽاپ ۽ مختلف ڊوائسون اڃا ناهن مليون، اهي ريڪور ڪرڻيون آهن. هن چيو ته درخواست موجب جوابدار کان موبائل فون جي ريڪوري باقي آهي، جنهن سان خبر پوندي ته ان معاملي ۾ ٻيا ڪير ملوث آهن، مئجسٽريٽ ڏوهه جي سنگيني جو اندازو لڳائڻ بنا جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪئي ۽ جاچ جو عمل رڪجي ويو. سندس چوڻ هو ته پراسيڪيوشن موجب ان ڪيس ۾ اڃا تائين جاچ مڪمل ناهي ٿي ۽ جوابدار کان موبائل فون جي ريڪوري باقي آهي، جنهن سان اهم ڄاڻ ملندي ته ان معاملي ۾ ٻيا ڪير ملوث آهن، جوابدار جيڪو بيان ڏنو، اهو کيس واٽس ايپ تي وصول ٿيو هو، ان ڪري هو موبائل فون حوالي ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي. عدالت شهباز گل جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست تي شهباز گل کي اڄ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button