پاڪستان

وزيراعظم جي هر ٻوڏ متاثر خاندان کي ٽن ڏينهن اندر 50 هزار ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر خاندانن کي 3 ڏينهن اندر امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سمورن متاثر ڪٽنبن کي 30 هزار رپين بدران 50 هزار رپيا فوري طور تي فراهم ڪيا وڃن، متاثر خاندانن کي 50 هزار رپيا روڪ اين ڊي ايم اي جي سرپرستي ۾ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت فراهم ڪيا ويندا. شهباز شريف چيو ته متاثرن کي امداد جي فراهمي جي طريقيڪار کي شفاف رکيو وڃي، ڪيش امداد جي فراهمي اليڪٽرانڪ ٽرانسفر ڪئي وڃي، امداد ورهائڻ جي حڪمت عملي جلد کان جلد طئي ڪري رپورٽ ڏني وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻوڏ سان ٿيل نقصانن جي ڪاٿي لاءِ صوبن سان گڏيل سروي 5 هفتن بدران 3 هفتن ۾ مڪمل ڪئي وڃي، صوبائي حڪومتون ٻوڏ متاثرن جي وقت سر مدد لا اين ڊي ايم اي سان جلد کان جلد گڏيل سروي بابت سهڪار ۽ تاريخن جي حوالي سان رابطن کي يقيني بڻائي. وزيراعظم چيو ته اها صوبائي حڪومتن جي صوابديد آهي ته اهي وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرن جي امدادي ڪوششن جو حصو بڻجن، وفاقي حڪومت پنهنجن وسيلن سان ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي کي يقيني بڻائيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button