پاڪستان

حڪومت سان رڳو چونڊن بابت ڳالهيون ٿينديون: فواد چوڌري

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته چونڊن کي ملتوي ڪرڻ غير آئيني آهي، ڳالهيون جيڪڏهن ٿينديون ته رڳو چونڊن لا ٿينديون، ڪا بيڪ ڊور ڳالهه ٻولهه نه ڪنداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس ٺاهڻ راڻا ثناءُ الله جي پاليسي آهي. سندس چوڻ هو ته شهباز گِل ۽ سمنڊ پار پاڪستاني ۽ ڪمزور آهي تنهنڪري کيس گرفتار ڪيو ويو، کيس پهرين به ٽارچر ڪيو ويو هاڻ حڪومت کيس ٻيهر ٽارچر ڪرڻ گهري ٿي. هن ٻڌايو ته ڏهه محرم تي موبائيل فون سگنل نه هئا انڪري شهباز گِل لينڊ لائن تان ڪال ڪئي، خانگي ٽي وي تي هن جيڪو ڳالهايو اهو سڀني جي سامهون آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هي معاملو جلد حل ٿيڻ کپي، ڪنهن به صورت ۾ تشدد جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، هن جيڪو ڪجهه چيو اهو سڀني جي سامهون آهي، سڄي پارٽي ساڻس گڏ آهي. اتحادي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته توهان رڳو تشدد ڪرڻ لاءِ شهباز گِل جو رمانڊ چاهيو ٿا، ڪيس ڪمزور آهي انڪري حڪومت ڌر جا وڪيل دليل ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button