پاڪستان

پاڪستان 2025ع تائين ڏڪار جو شڪار ٿي ويندو: شيري رحمان

اسلام آباد: ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان 2025ع تائين ڏڪار جي ور چڙهي ويندو. اسلام آباد ۾ شيري رحمان “موسمياتي تبديلي جا زراعت تي اثر” جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جا ڊيمز منصوبا 10 کان 15 سال تائين مڪمل ناهن ٿيندا، پاڻي جي معاملي تي اسان کي وقت سر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي واري وزارت پاڻي جي کوٽ تي سڀاڻي ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي، دنيا ۾ ننڍن ڊيمن جي اڏاوت جو رجحان وڌي رهيو آهي، وڏن ڊيمن جي اڏاوت لاءِ وڏي انگ ۾ فنڊ گھربل هوندا آهن. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ وڏن ڊيمن خلاف ماڻهو احتجاج ڪندا آهن، اسان کي پنهنجن وسيلن کي نظر ۾ رکندي ننڍا ڊيم ٺاهڻ گھرجن، اسان کي پنهنجي منصوبن جون ترجيحون تبديل ڪرڻيون پونديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button