پاڪستانسنڌ

مانجهند ڀرسان هوٽل مالڪ کان لکين رپيا ڦر، انڊس ها وي بلاڪ

سن: مانجهند لڳ انڊس ها وي تي اڻڄاتل هٿياربندن کوسا هوٽل تي چڙھائي ڪري هوٽل مالڪ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هڪ لک رپيا، بيٽريون، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا. اهڙي اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، جنهن خلاف کوسا برادري جي سوين ماڻھن انڊس ها وي تي نٽھڻ اس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران مسافرن ۽ مظاهرين ۾ ڏندچڪ به ٿي. ان موقعي تي تڳيو خان کوسو، روضو خان کوسو ۽ رجب کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات ھٿياربندن هوٽل تي هلان ڪري مالڪ صاحب خان کوسو کي هٿيارن جي زور تي 2 ڪلاڪ يرغمال بڻائي 7 لکن جي ڦر ڪئي آهي. هنن اختيارين کان ڦورن کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي. هوڏانهن مانجهند پوليس خاطري ڪرائي روڊ کولرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button