پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ گزلس ڪاليج ۾ جشن آزادي جي تقريب، ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص ۽ ٻيا شريڪ

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ جشن آزادي ڏھاڙي جي حوالي سان گورنمينٽ گرلس ڪاليج ۾ تقريب ٿي، جنھن ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص پروفيسر ميرچند اوڏ، پرنسپال گورنمينٽ گرلس ڪاليج عمرڪوٽ پروفيسر قرت العين شاھه سميت شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر ميرچند اوڏ ۽ پروفيسر قرت العين شاهھ چيو ته پاڪستان وڏي جدوجهد ۽ لازوال قربانين کانپوءِ مليو آهي، قيام پاڪستان جي جدوجهد ۾ شاگردن سڀني کان پهرين پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي آزادي لاءِ لکين مسلمانن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي آزادي حاصل ڪئي، پاڪستان جي آزادي حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي فوج جي جوانن جون بيشمار قربانيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button