
ڪوٽ غلام محمد :ڪوٽ غلام محمد، ڪوٽ ميرس، ڊينگاڻ رستو، ڪاڇيلو اسٽيشن، ڏهون ميل موري، ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ وقفي وقفي سان برساتون پوڻ جو سلسلو جاري آهي. برساتون پوڻ سبب شهر جي هيٺائين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهي ويو آهي. مسلسل برساتن سبب ڦٽي جي فصل کي نقصان ٿيڻ جو خدشو. بصرن ۽ ٽماٽي جي پوکائي سخت متاثر ٿي وئي آهي. هوڏانهن برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. رين ايمرجنسي ۾ جمڙائو ۽ مٺڙائو ڪئنالن ۾ پاڻي بند هجڻ سبب شهر سميت مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي ختم ٿي ويو آهي. تعلقي جي سياسي سماجي اڳواڻن اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي يقيني بنائي مڇرمار ڦوهارو ڪرايو وڃي.