پاڪستانسنڌ

ميرواهه گورچاڻي لڳ نوجوان واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت

ميرواہه گورچاڻي: ميرواھه گورچاڻي جو نوجوان مبينا طور واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ڊگھڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير غلام علي ٽالپر واسي 35 سالن جو نوجوان ڏيوشي ولد ڌرمون بجاڻو اوچتو واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان ٺرو جام واپرائيندو هو. تر جي سياسي سماجي اڳواڻ شگن لال ڪولھي، محبوب نوننداڻي، سرمد ايڊووڪيٽ ۽ ٻين چيو ته شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٺري جون بٺيون عام جام هلندڙ آهن، جنهن ڪري نوجوان سرعام ٺرو سستي اگهه تي ملڻ ڪري نشي جا عادي بڻجي چڪا آهن. مقامي انتظاميا کي گهرجي ته سرعام نشو وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button