اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هڪ به دوا جي قيمت نه وڌندي:دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد

اسلام آباد :صحت واري وزارت 40 کان وڌيڪ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري رد ڪندي چيو آهي ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل مطابق صحت واري وزارت ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري رد ڪري ڇڏي آهي. صحت جي وزارت جي ترجمان مطابق ڊريپ 40 کان وڌيڪ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري اماڻي هئي، جڏهن ته صحت واري وفاقي وزير دوائن جي قيمتون وڌائڻ جي سمري رد ڪري ڇڏي. عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته هڪ به دوا جي قيمت نه وڌندي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button