اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف 29 آگسٽ تي مسودو منظور ڪندو:ناڻي وزارت

اسلام آباد : ناڻي واري وزارت چيو آهي ته آئي ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس ۾ 29 آگسٽ تي مسودي جي منظوري ڏني ويندي. ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ آئي ايم ايف قرض معاهدي لاءِ راضپي جي اظهار جي مسودي جو شق وار جائزو وٺي رهيا آهن. آئي ايم ايف پاڪستان پاران اماڻيل ڊيٽا جو تفصيلي جائزو وٺي ناڻي واري وزارت سان رابطي ۾ آهي. ناڻي وزارت ٻڌايو ته آئي ايم ايف اڄ ئي هن مسودي جي ڪاپي پاڪستان کي اماڻيندو، جنهن کانپوءِ ناڻي وارو وزير ۽ وقتي گورنر حتمي مسودي تي صحيحون ڪري اڄ ئي ان کي واپس اماڻيندا. ناڻي واري وزارت مطابق آئي ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 29 آگسٽ تي مسودي جي منظوري ڏيندو. منظوري کانپوءِ آگسٽ ۾ 1 ڏهائي 17 ارب ڊالر پاڪستان کي منتقل ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button