اسلام آبادپاڪستان

نواز شريف ڏيهه اچي ۽ پنهنجي ڀاءَ کي هٽائي:شيرين مزاري

اسلام آباد : پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان ڏيهه واپسي ۽ پنهنجي ڀاءَ کي وزارت عظميٰ تان هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيرين مزاري چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان کي نوٽيس ناهي ڏنو، اسان جا ماڻهو ويا ته چيو نوٽيس ويب سائٽ تي هيو. جڏهن ته نوٽيس اتي به موجود نه هيو، ڇنڊڇاڻ واري ڪميٽي پي ٽي آءِ لاءِ 12 مارچ 2018 ۾ ٺهي هئي. اليڪشن ڪميشن سمجهي ٿي ته ماڻهو پنهنجا حق وساري ڇڏيندا. هن چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڏني هئي ته سمورين سياسي پارٽين جا فنڊز ڏٺا وڃن. واضح ٿيندو پيو وڃي ته اليڪشن ڪميشن ڌر آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر قانون جي دائري کان ٻاهر فيصلا ڪري رهيو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سياسي ايجنڊي تي ڪم ڪري رهيو آهي. شيرين مزاري جو چوڻ هو ته ايف آءِ اي پي ٽي آءِ جو سمورو رڪارڊ ڪهڙي حيثيت سان گھري رهي آهي. ايف آءِ اي ڪنهن پابندي پيل فنڊنگ جي جاچ نٿو ڪري سگھي ۽ ايف آءِ اي جي اختيار ۾ نٿو اچي، هي قانون جي خلاف آهي. شهباز گل بابت اڳوڻي وزير چيو ته شهباز گل ريمارڪس لينڊ لائن تي ڏنا ته پوءِ فون ڇو گھرجي؟ جيڪڏهن شهباز گل قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته ان تي ڪيس ڪريو، هڪ شخص کي کڻي اڻڄاتل هنڌ رکي تشدد نٿو ڪري سگھجي. شيرين مزاري پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ جي مذمت ڪندي چيو ته نواز شريف ڏيهه اچي ۽ پنهنجي ڀاءَ کي هٽائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button