پاڪستان

عمران خان رڳو 30 ڪروڙ رپين جي ملڪيت جو مالڪ، اثاثا ظاهر

فيصل آباد: قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 108 جي ننڍي چونڊ لاءِ جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا. تحريڪ انصاف چيئرمين مجموعي طور تي 30 ڪروڙ 20 لک 78 هزار 495 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا، جڏهن ته سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي نالي پاڪپتن ۽ اوڪاڙا ۾ 698 ڪنال ايراضي ۽ بني گالا ۾ هڪ گهر موجود آهي. عمران خان جي ملڪيت ۾ ٻه لک ماليت جون 4 ٻڪريون به شامل آهن، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس گهرواري زيور ۽ گاڏي هجڻ جي خاني ۾ ڪجهه ظاهر ناهي ڪيو، عمران خان جي ڪنهن به ڪمپني ۾ ڪا سيڙپڪاري به ناهي. وراثت ۾ ملندڙ ٻه گهر، ڀڪر ۾ 228 ڪنال زمين ظاهر ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ اسلام آباد ۾ ڪانسٽيٽيوشن اوينيو تي هڪ فليٽ، هڪ ڪمرشل پلاٽ ۽ 14 لک مسواڙ جي مد ۾ آمدني ظاهر ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button