پاڪستان

نواز شريف جو لاهور بدران ڪنهن ٻئي شهر لهڻ جو امڪان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جو جهاز لنڊن کان لاهور پهچڻ بدران ڪنهن ٻئي شهر ۾ لهڻ جو امڪان آهي. پارٽي ذريعن موجب نواز شريف جي ايندڙ مهيني سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ ڏيهه واپسي جي سلسلي ۾ مسلم ليگ ن جي اعليٰ قيادت چئني صوبن جي قيادت کي تيارين جون هدايتون ڪري ڇڏيون آهن. نواز شريف جي ڏيهه واپسي لاءِ ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور ۽ اسلام آباد جا نالا غور هيٺ آهن جڏهن ته پارٽي جي گهڻو ڪري اهم اڳواڻن ڪراچي يا اسلام آباد لهڻ جي صلاح ڏني آهي. نواز شريف جي واپسي کان اڳ قانوني معاملا اڪلائڻ لاءِ پارٽي جي آئيني ۽ قانوني ماهرن کان به راءِ گهري وئي ويندي جڏهن ته سندس ڏيهه پهچڻ کان اڳ عدالتي معاملا هل ڪرڻ لاءِ پٽيشنز داخل ڪرڻ تي به غور ٿيندو. قانوني معاملا حل ٿيڻ تي نواز شريف کي ايئرپورٽ تان وڏي ريلي جي صورت ۾ لاهور يا اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي پهچايو ويندو. ڏيهه واپسي جو حتمي فيصلو نواز شريف پارٽي اڳواڻن سان مشاورت کانپوءِ ڪندو ۽ ڏيهه واپسي جي تاريخ جو اعلان نواز شريف پاڻ لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ڪندو. نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي موقعي تي مسلم ليگ ن جا ڪيترائي اهم سرگرم ماڻهو به لنڊن ويندا. نواز شريف ليگي اڳواڻن سان گڏ ڏيهه ايندو، نواز شريف جي ڏيهه واپسي جو معاملو پي ڊي ايم سربراهي اجلاس ۾ به بحث هيٺ آندو ويندو ۽ گڏيل فيصلو ٿيو ته پي ڊي ايم اڳواڻ به لنڊن مان واپسي تي نواز شريف سان گڏ ٿي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button