پاڪستانسنڌ

نوشهروفيروز ۾ هڪ ئي رات 7 چوريون، بدامني خلاف ٽائرن کي باهيون

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز ۾ ھڪ ئي رات نامعلوم چورن شهر مان 7 دڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. شھر جي مصروف مٺياڻي روڊ سان واقع مختلف دوڪانن سليم ڏنگراج، محبوب پنھور، جبار تڳر، منور راجپوت، زاھد ڏيٿو، فھيم مغل جي جنس ۽ مال جي دوائن جي اسٽور، ڪريانه، اسپيئر پارٽس جي دوڪانن جا تالا ٽوڙي چور سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. شھر ۾ وڌندڙ چورين جي آزار خلاف دوڪاندارن پاران شاھر جي مرڪزي الله واري چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنھن سبب شھر ۾ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي دڪاندارن چيو ته نوشهروفيروز شهر ۾ ڪيتري ئي عرصي کان چورين ۽ ڦرن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ پوليس تماشو ڏسي رهي آهي، رات به 7 دڪانن مان لکين رپين جي چوري ٿي آهي. هنن ايس ايس پي ۽ ٻين اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button