اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ چونڊن جو ٻيو مرحلو 28 آگسٽ تي هر صورت ۾ ٿيندو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست اڪلائيندي حڪم ڏنو آهي ته سنڌ ۾ چونڊن جو ٻيو مرحلو 28 آگسٽ تي هر صورت ۾ ٿيندو. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ تڪبندين خلاف درخواستن تي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ شنوائي ٿي. بنا مقابلي چونڊيل نمائندن جو وڪيل خالد جاويد خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ به يونين ڪميٽين جي انگ جو تعين حڪومت ڪندي آهي. آبادي کانسواءِ ٻين عملن کي ڌيان ۾ رکندي حد ۽ تڪبندي ڪئي ويندي آهي. قومي اسيمبلي جو تڪ چئن لکن جو هجي يا ڏهن لکن جو، وزيراعظم لاءِ ووٽ برابر هوندو آهي. ان دوران خالد جاويد خان چيو ته ووٽن جي تناسب ۾ بلديات کان قومي اسيمبلي تائين هر تڪ ۾ هوندو آهي، چيف جسٽس پاڪستان سوال ڪيو ته ايم ڪيو ايم جيڪي نڪتا سپريم ڪورٽ ۾ اُٿاريا آهن، اهي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڇو نه اُٿاريا ويا؟ پولنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ پهرين مرحلي جي چونڊ روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي. هاءِ ڪورٽ چيو ته جنوري کان جون تائين ايم ڪيو ايم وارا ڇو ستا پيا هئا ؟ اپيل ۾ نون نڪتن جو جائزو ڪيئن وٺي سگهون ٿا.
خالد جاويد خان چيو ته اليڪشن ڪميشن جي تڪن جو انگ تبديل ڪرڻ جو اختيار آئين به نٿو ڏئي، تڪن جو انگ آئين ۽ قانون ۾ معتين ڪيل هوندو آهي. ا دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ پنهنجن دليلن ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم تڪبندي اختيارين سان رابطو ئي ناهي ڪيو، اليڪشن ڪميشن ۽ صوبائي حڪومت گڏجي ڪم ڪندا آهن. اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي ڪيئي تڪبنديون تبديل ڪيون ويون، ووٽرز کي تڪبندين سان ڪو فرق ناهي پوندو، سياسي پارٽين جو مسئلو رڳو ميئر جي چونڊ جو آهي، اها ڪنهن خبر ته اهو ميئر ڪهڙي پارٽي جو چونڊيو ويندو. شنوائي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته تڪبندين ايتريون عام نوعيت جون به نه هئڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن کي سمجهائڻو پوندو ته تڪبنديون ڪهڙي بنياد تي ڪيون وينديون آهن، مسئلو رڳو چونڊن جو ناهي ترقياتي اسڪيمن ۽ فنڊن جو به هوندو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اندرون سنڌ مان ڪيس آيا ته ٻن ضلعن کي گڏائي هڪ تڪ جوڙيو ويو آهي. ٻئي پاسي هڪ ضلعي جا ٻه ٻه تڪ ٺاهيا ويا آهن، هڪ تڪ ۾ 10 لک ووٽر هوندا آهن ته ٻئي پاسي وري چئن لک ووٽرن جو تڪ هجي ته اها زيادتي آهي. درست نمائندگي نه هئڻ ۽ فنڊن جي ڪري ڏکڻ پنجاب کي الڳ صوبو بڻائڻ جو ڳالهيون هلي رهيون آهن. ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ انهن نڪتن تي اليڪشن ڪميشن جو موقف ٻڌنداسين. سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ تڪبندين خلاف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي درخواست اڪلائيندي حڪم ڏنو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ 28 آگسٽ تي ئي ٿيندي. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ايم ڪيو ايم پهرين مناسب فورم سان رابطو ڪري، حقيقتن جو تعين ٿيڻ تي ئي قانوني نڪتا عدالتن ۾ اُٿاري سگهجن ٿا، ڪائي به آئيني عدالت حقيقتن جو درست تعين ڪرڻ کانسواءِ فيصلو نٿي ڪري سگهي، جيڪي نڪتا هاءِ ڪورٽ ۾ نه اُٿاريا ويا اهو هن اپيل ۾ سڌو سنئون نٿو ٻڌي سگهجي. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو برساتن ۽ جماعت اسلامي جي درخواست سبب 28 آگسٽ تائين ملتوي ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button