اسلام آبادپاڪستانسنڌ

چونڊ مواد ڊي سي بدين وٽ آهي،سپريم ڪورٽ آڊٽ ڪرائي:فهميدا مرزا

اسلام آباد :چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن گھڻي محنت سان ڪم ڪري رهي آهي. بدين مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر فهميدا مرزا سنڌ ۾ تڪبندين بابت شنوائي جي موقعي تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي. فهميدا مرزا موقف اختيار ڪيو مان ۽ منهنجي ڪٽنب مان ڪو به چونڊن ۾ حصو ناهي وٺي رهيو، پر چونڊيل نمائندي طور عوام جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا تڪبندي به ڪندي آهي ۽ آر او به انهن جو ئي هوندو آهي، هڪ مهيني کان چونڊ مواد ڊپـٽي ڪمشنرز وٽ پيو آهي، سپريم ڪورٽ کي استدعا آهي ته چونڊ مواد جي آڊٽ ڪرائي وڃي. ان دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن ملڪ کان ٻاهران ته افرادي قوت نٿي گھرائي سگھي، اليڪشن ڪميشن گهڻي محنت ڪري رهي آهي، پنجاب جي 20 تڪن ۾ پرامن ننڍي چونڊ ٿي، تڪبندي ۾ به ڏينهن رات اليڪشن ڪميشن محنت ڪئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال فهميدا مرزا سان مڪالمو ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان جي درخواست ۾ دم آهي ته توهان کي ٻڌي وٺنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button