پاڪستانسنڌ

جهول لڳ سون ڳولڻ لا ويندڙ نوجوان سم نالي ۾ ٻڏي فوت

جھول:جهول ويجھو صبح جو سوير سئوٽ سان گڏ برھمڻ آباد مان سون ڳولڻ لاءِ سم نالي مان ويندڙ نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو. رپورٽ موجب اڳوڻي ايم پي اي الطاف حسين رند جي ڳوٺ لڳ ديھه ڄراڙي ۾ ويٺل 25 ورھين جو نوجوان سبحان علي پٽ جيئند حاجاڻو ڳوٺ ويجھو پاڻي سان ڀريل سم نالي جي ٻي ڪناري ڏانهن ويندي پير ترڪڻ سان پاڻي ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي فوت ٿي ويو. نوجوان بابت معلوم ٿيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن کان وسندڙ تيز طوفاني برسات سبب ھو اربع ڏينهن صبح جو سوير 5 وڳي پنهنجي سئوٽ 20 ورھين جي رياض حاجاڻو سان گڏ سنڌ جي قديم تاريخي ماڳ برھمڻ آباد / المنصورہ مان سون، پٿر جا ٻڙا ۽ ٻيون شيون ڳولڻ لاءِ سم نالي ۾ گھڙي ٻئي ڪناري وڃي رهيو هو ته پير ترڪڻ سان سم نالي ۾ ڪري پاڻي ۾ ٻڏي ويو، سندس سئوٽ پاڻي مان تري ٻاهر نڪتو ۽ مائٽن کي اطلاع ڪيو، جيڪي علائقي جي سوين ماڻھن، ڊي ايس پي ڄام نواز علي ۽ ايس ايڇ او سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي ويا، پوليس ٽوٻا گهرائي ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا ڪئي، 3 ڪلاڪ مسلسل ڳولا بعد ٽوٻن نوجوان جو لاش ٻاهر ڪڍيو، جيڪو وارث قانوني ڪارروائي کانسوا کڻائي ويا. فوتي سان گڏ ويندڙ سندس سئوٽ رياض حاجاڻو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ھن سم تي موري نه ھئڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا پاڻي جھاڳي ٻي ڪپر تي ايندا ويندا رھندا آهيون، سئوٽ سان گڏ سم نالي مان برھمڻ آباد ڪجهھ شيون ڳولڻ لاءِ وڃي رھيا هئاسين ته سئوٽ جو پير ترڪي ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او جھول رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوتي جي وارثن قانوني ڪارروائي نه ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button