اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو جون سوئيڊن جي سفير ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير سان ڳالهيون

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا آهن جن مان سڄي دنيا جا سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ سوئيڊن ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پنهنجي تعاون جي سلسلي کي جاري رکندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مقرر سوئيڊن جي سفير هنرڪ پرسن سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ڪالهه اربع ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ۽ سوئيڊن جي سفير ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو. هنرڪ پرسن بلاول ڀٽو زرداري کي سوئيڊن جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. بلاول ڀٽو ان موقعي تي چيو ته اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته سوئيڊش ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو فائدو کڻي رهيون آهن، دنيا جي ٻين ملڪن جون ڪمپنيون به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني جولي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه دوران ڪئي. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي قيام جي ڊائمنڊ جوبلي جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ڳالهائيندي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني جولي عالمي ۽ علائقائي لاڳاپن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير ۽ سندس ڪئناڊا جي هم منصب گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هوڏانهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ايران جي اربن ڊيولپمينٽ بابت وزير رستم قاسمي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفو لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جاري ڪيل بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايران جي وزير رستم قاسمي وچ ۾ گڏيل واپار وڌائڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ رستم قاسمي ٻنهي ملڪن جي سرحد سان زميني رستن جي قيام کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ ايران جي وزير ٻنهي ملڪن جي سرحد سان داخل ٿيڻ جي نون رستن ۽ بازار قائم ڪرڻ جي معاملي تي به اتفاق ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button