اسلام آبادپاڪستانپنجاب

اڊيالا جيل انتظاميا شهباز گل اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد :سلام آباد جي مقامي عدالت پاران تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي رمانڊ واري معاملي تي اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس آمهون سامهون ٿي ويون. سندس منتقلي تي سڄو ڏينهن هنگامو ٿيو، اڊيالا جيل ٻاهران پنجاب پوليس جي نفري ۽ اسلام آباد پوليس وچ ۾ تڪرار به ٿيو. نيٺ رينجرز گهرائڻ ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن کانپو اڊيالا جيل انتظاميا شهباز گل کي اسلام آباد پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي عدالت طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي اسلام آباد پوليس ۽ اڊيالا جيل اختيارين ۾ جهيڙو عروج تي پهچي ويو، جنهن کانپوءِ گهرو وزارت رينجرز کي طلب ڪري ورتو. اڊيالا جيل انتظاميا شهباز گل کي اسلام آباد پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. صورتحال ان وقت خراب ٿي وئي. جڏهن اسلام آباد پوليس عدالت جي حڪم تي شهباز گل کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ لاءِ اڊيالا جيل پهتي، پر جيل انتظاميا کيس حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بعد ۾ گهرو وزارت عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ رينجرز ۽ ايف سي جون گاڏيون طلب ڪيون. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي درخواست تي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي شهباز گل کي اڊيالا جيل مان اسلام آباد پوليس حوالي ڪرڻ جي واضح عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو. پنجاب صوبي ۽ وفاقي پوليس وچ ۾ ڇڪتاڻ انتها تي پهچي وئي. جڏهن ته شهباز گل کي ڊي ايڇ ڪيو (ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال) پنڊي منتقل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون. شهباز گل کي اڊيالا جيل مان ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ پوليس جي وڏي نفري اسپتال پهچي وئي. ان کان علاوه اسپتال ۾ داخل مريضن ۽ سندن گهرڀاتين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ پوليس شهرين کي اسپتال اچڻ ۽ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ٻئي طرف سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل ميڊيڪل آفيسر اڊيالا جي درخواست تي خط لکيو آهي، جنهن ۾ شهباز گل کي راولپنڊي جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب شهباز گل کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي، کيس ڪجهه ڏينهن کان کنگهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف آهي، شهباز گل کي اڊيالا جيل اسپتال ۾ رکيو ويو آهي. شهباز گل جي آڪسيجن ليول 84، بلڊ پريشر 100/70 آهي جڏهن ته کيس ايمرجنسي اسپتال منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ کيس جيل مان ڊي ايڇ ڪيو منتقل ڪرڻ لاءِ اضافي افرادي قوت جي ضرورت آهي. ذريعن موجب شهباز گل کي 2 ڏينهن جي رمانڊ تي اسلام آباد پوليس حوالي ڪرڻ جو معاملو شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ اڊيالا جيل انتظاميا شهباز گل کي اسلام آباد پوليس حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. هن چيو ته شهباز گل کي وٺڻ لاءِ ڊي ايس پي خالد اعواڻ، ايس ايس پي انويسٽيگيشن سميت اسلام آباد پوليس جي ٽيم 2 ڪلاڪ اڊيالا جيل ۾ موجود آهي پر اڃا تائين شهباز گل کي اسلام آباد پوليس حوالي نه ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پنجاب جو وڏو وزير پرويز الاهي پڌرائي ۾ ميدان ۾ اچي ويو ۽ شهباز گل جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ پنجاب جو چيف سيڪريٽري، آءِ جي جيل سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ عدالت ۽ قانون جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه ذريعن موجب، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو ۽ سيڪريٽري صحت پنجاب کي شهباز گل بابت “منفي رپورٽ” تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن چيو ته وڏي وزير حڪم ڏنو ته رپورٽ ڀريو وڃي، شهباز گل کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي. جنهن تي پنجاب جي اعليٰ بيوروڪريسي موقف اختيار ڪيو ته هو عدالت جي واضح حڪم جي ڀڃڪڙي نٿا ڪري سگهن. ان کان اڳ اسلام آباد عدالت شهباز گِل جي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي نظرثاني درخواست منظور ڪئي. ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري پوليس جي نظرثاني درخواست تي فيصلو ٻڌايو، عدالتي فيصلي بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل ٻيهر ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي جسماني رمانڊ ٿيڻ ٿيڻ جي حڪم خلاف نظرثاني درخواست تي شنوائي ٿي جنهن ۾ شهباز گِل جي وڪيل ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر دليل ڏنا. ان دوران شهباز گِل جي وڪيل سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته رمانڊ ۾ ڪجهه رُخن کي ڳجهو قرار ڏنو ويو آهي، پوليس کي جوابدارن جو جسماني رمانڊ ڇو گهرجي؟ ان جو تعين ضرروي آهي. شهباز گِل خلاف ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي، اسان کي ڪيس جو رڪارڊ به ناهي ڏنو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ جي وڪيل چيو ته گرفتاري وقت شهباز گِل پنهنجو موبائيل فون کيسي ۾ وڌو جيڪو ويڊيو ۾ واضح نظر اچي رهيو آهي. موبائيل فون پوليس وٽ ئي ته آهي، پوءِ ڇو گهري رهيا آهن؟ سلمان صفدر موقف اختيار ڪيو ته مخصوص حصو ڪيس ۾ داخل ڪيو ويو جيڪو غلط آهي. ان دوران پراسيڪيوٽر دليل ڏيندي چيو ته شهباز گِل کان رڳو ڊيٽا حاصل ناهي ڪرڻي، ڪيس جي مختلف رُخن ۾ جاچ ڪرڻي آهي. پراسيڪيوٽر موجب رڳو ڊيٽا جي ڳالهه هجي ها ته جسماني رمانڊ جي حمايت نه ڪريون ها، پي ٽي آءِ طرفان شهباز گِل تي مبينا تشدد جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اميد آهي ته عدالت وڌيڪ ٽارچر لاءِ شهباز گِل کي پوليس حوالي نه ڪندي، جج انساني حقن جي حفاظت لاءِ هوندا آهن. هن چيو ته اڊيالا جيل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي شهباز گِل سان ملڻ کان روڪيو ويو. شهباز گِل جو جيڪو سڀ کان وڏي پارٽي جو چيف آف اسٽاف هو تنهن کي گرفتار ڪيو ويو، مٿس تشدد ڪيو ويو جنهن جي جڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي. ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گِل ٻيهر جسماني رمانڊ وارو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. شهباز گِل پنهنجي وڪيل ذريعي ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري جي فيصلي کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. ايڊيشنل سيشن جج، آءِ جي ۽ ايس ايس پي اسلام آباد، ايس ايڇ او ڪوهسار ۽ ڪيس جي فريادي کي درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهباز گِل کي نوَ آگسٽ تي گرفتار ڪري ڏهه آگسٽ تي جڊيشل مجسٽريٽ اڳيان پيش ڪيو ويو ۽ جڊيشل مجسٽريٽ کيس ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو وري ٻارنهن آگسٽ شهباز گِل جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪري جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو ويو. درخواست جي متن موجب پراسيڪيوشن مجسٽريت طرفان جسماني رمانڊ نه ڏيڻ جي حڪم کي سيشن ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو، ايڊيشنل سيشن جج درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏيندي رد ڪئي، جنهن جو آرڊر هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ درخواست کي ٻيهر غور هيٺ آڻي نئين سر فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button