اسلام آبادپاڪستان

ججن جي مقرري جي طريقڪار جو ترميمي بل اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد : سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي ججن جي مقرري جي طريقڪار جو ترميمي بل 2022ع اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ آئين جي آرٽيڪل 175 اي جي روشني ۾ ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن رڳو ججز جي مقرري جي طريقيڪار تي ترميم ڪيون ويون آهن. ڄاڻايل بل موجب ججز نامزدگي ڪميٽي هڪ خالي سيٽ تي ٻه اميدوار نامزد ڪندي، پارلياماني ڪميٽي کي جڊيشل ڪميشن جي نامزدگين تي نظرثاني ڪرڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جو اختيار هوندو. پارلياماني ڪميٽي جي فيصلن کي ڪنهن عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو. بل جي متن موجب آئين جي آرٽيڪل 175 اي ۾ جڊيشل ڪميشن کي ججن جي مقرري جو اختيار ڏنل هو. جڊيشل ڪميشن جي ميمبرن جو انگ 9 بدران 7 هوندو، هڪ جج ۽ هڪ اڳوڻي جج جي نمائندگي کي جڊيشل ڪميشن مان ختم ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ڄاڻايل بل ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڊيشل ڪميشن ججن جو موجودا انگ 5 آهي جيڪو ڄاڻايل بل ۾ 4 ڪيو ويو آهي. جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ۾ چيف جسٽس، 3 سينيئر ججز، بار ڪائونسل جو نمائندو ۽ قانون وارو وزير شامل هوندا، بل موجب ايشيشن ڪميٽي 5 رڪني هوندي جنهن ۾ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، ٻه سينيئر ترين ججز، صوبائي ايڊووڪيٽ جنرل ۽ بار ڪائونسل جو سينيئر ميمبر شامل هوندا. بل موجب بار ڪائونسل جا نمائندا سينيئر ميمبر جي گهٽ ۾ گهٽ پريڪٽس 15 مان وڌائي 20 سال ڪئي وئي آهي. انيشيش ڪميٽي 60 ڏينهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي خالي جاءِ تي نالو موڪلڻ جي مجاز هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button