اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي اپيل تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار چيو آهي ته هي 70 جو ڏهاڪو ناهي جو ڪير به چريائپ ۾ ڪنهن جماعت کي ٽوڙي ڇڏي. اسلام آباءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي غيرقانوني فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست تي شنوائي ٿي.انور منصور دليل ڏيندي چيو ته رولز ۾ غيرقانوني فنڊنگ جو رڳو هڪ ئي نتيجو ٻڌايو ويو آهي ته صرف ۽ صرف فنڊز ضبط ٿي سگهن ٿا. ڪنهن پارٽي جي معلومات پي پي او موجب نه هجي درستگي جو موقعو به ڏئي سگهجي ٿو ۽ اليڪشن ڪميشن ٻيهر معلومات درست ڪري جمع ڪرائڻ لاءِ چوندي.پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور ٻڌايو ته 2018ع ۾ سڀني پارٽين جي اڪائونٽن جي اسڪروٽني شروع ٿي، پر اليڪشن ڪميشن رڳو پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي ڪئي ۽ پي پي او 2002ع وارو قانون اپلاءِ ڪيو، پر اسڪروٽني ڪميٽي الڳ قانون تي دارومدار رکي رپورٽ ڏني. جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ وڪيل چيو ته نصر رميتا شيٽي سان شادي ڪئي ٻنهي جي گڏيل اڪائونٽ مان 13 هزار ڊالر آيا، پر اليڪشن ڪميشن پاڻ تصور ڪري ورتو ته اڌ رقم رميتا شيٽي ۽ اڌ سندس مڙس طرفان هئي، 13 هزار هڪ وٽان ۽ 13 هزار ٻئي وٽان آيا، پي ٽي آءِ پنهنجن ايجنٽن کي فارين ڪمپنين طور ڏيکاريو ويو. اها حقيقت ته اسان ڪڏهن لڪائي نه هئي ته پي ٽي آءِ کي ووٽن ڪرڪيٽ وٽان رقم 2013ع ۾ ملي. قانون ۾ اهو ته ناهي لکيل ته انفرادي شخص کانسواءِ ڪنهن کان فنڊ ناهي وٺڻو. عدالت چيو ته قانون ۾ اهو ضرور لکيل آهي ته رڳو انفرادي فنڊز وٺڻا آهن، ڇا توهان اليڪشن ڪميشن جي آبزوريشن حذف ڪرائڻ چاهيو ٿا؟ اها ته رڳو هڪ رپورٽ آهي، هي اليڪشن ڪميشن جو ڪو ايڪشن ته ناهي، هينئر تائين رڳو قانوني نوٽيس ايشو ڪيو ويو آهي.ان تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اهو ايڪشن ئي آهي، اليڪشن ڪميشن ان کي آرٽيڪل 17 جو معاملو ڊڪيليئر ڪيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي اختيارن واري دائري کان ٻاهر جيڪو ڪيو اهو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. جنهن تي جسٽس بابر ستار رمارڪس ڏيندي چيو ته هي 70 جو ڏهاڪو ناهي جو ڪير پاڳلپڻي ۾ ڪنهن پارٽي کي ٽوڙي ڇڏي، توهان رڳو اسان کي پنهنجا خدشا ٻڌايو ته ڪهڙا آهن. جسٽس عامر فاروق چيو ته فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ جون حقيقتون ته اسان وڃي ٺيڪ نٿا ڪري سگهون. عدالت دليل ٻڌڻ بعد ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن کي 24 آگسٽ لاءِ پري ايڊميشن نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button