پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ برسات جون تباهيون،4 ٻارن سميت 15 ڄڻا فوت

ڪراچي/حيدرآباد (سنڌ ايڪسپريس رپورٽ)سنڌ ۾ هلندڙ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي، هڪ خاندان جا 7 ڄڻا ندي ۾ ٻڏي ويا، 4 ٻارن سميت 15 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪراچي ۾ 10 ڄڻا وهڪري ۾ لڙهي ويا، ٻن جا لاش ملي ويا. تفصيل موجب چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز موجب آگسٽ جي ارڙنهن ڏينهن ۾ 300 سيڪڙو وسڪارو ٿيو آهي. جڏهن ته ڪراچي ۾ روايت جي ابتڙ هڪ سو پنجاهه ملي ميٽر وڌيڪ وسڪارو ٿيو آهي. چيف ميٽرولوجسٽ موجب آگسٽ ۾ ڪراچي ۾ وسڪاري جو معمول پنجهٺ ملي ميٽر آهي جڏهن ته هن ڀيرو معمول کانسواءِ ڪراچي ۾ 150 ملي ميٽر وڌيڪ وسڪارو ٿيو آهي. هن چيو ته ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ آگسٽ جي ارڙهن ڏينهن جي وچ ۾ 269 ملي ميٽر جڏهن ته گڏاپ ۾ 186 ملي ميٽر وسڪارو رڪارڊ ٿيو آهي. 19 آگسٽ جي رات يا 20 آگسٽ جي صبح تائين سنڌ ۾ وسڪاري جي اڳڪٿي آهي. ٻئي طرف ڪراچي ۾ ٻولهاڙي ۽ ملير ندين جي وهڪرن جي ور چڙهي حيدرآباد واسي ڪٽنب جي ڇهن ڀاتين ۽ ڊرائيور سميت 10 ماڻهو لڙهي ويا، جن مان هڪ عورت ۽ ٻار جا لاش مليا آهن. جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي. ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ ڪار ملير ندي جي برساتي وھڪري ۾ لڙھي وئي، جنهن سبب زال مڙس ۽ 4 ٻارن سوڌو 7 ڄڻا ٻڏي ويا، پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آھي تھ ڪاٺوڙ ويجهو ڪار برساتي وھڪري ۾ لڙھي وئي، ڪار ۾ زال مڙس ۽ 4 ٻارن سوڌو 7 ڄڻا سوار ھئا. ٻڏي ويلن مان 11 ورهين جي نينگر موسيٰ پٽ ذيشان جو لاش ملي ويو ۽ ايڌي رضاڪارن ڪار به پاڻي مان ٻاهر ڪڍي ورتي پر ذيشان، سندس زال رابعا، ٽن ٻارن ۽ ڪار ڊرائيور عبدالرحمان جو ڪو پتو پئجي نه سگهيو. رپورٽ موجب ملير ۾ پنجن ڪلاڪن جي مسلسل وسڪاري کانپوءِ ٻولهاڙي ندي، ٿڌو ندي، سکڻ ندي، لٽ ندي، جرندي ندي ۽ ملير ندي ۾ کير ٿر ڪوهستان کان ايندڙ برساتي ريلن تباهي مچائي ڇڏي آهي، مسلسل وسڪاري کان پوءِ ملير ندي جي تيز وهڪري سبب حاجي شمبي ڳوٺ، پراڻو شفيع ڳوٺ، در محمد ڳوٺ سميت ڪيترن ڳوٺن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي. گڏاپ ۾ مير خان گوندر ڳوٺ وٽ ٻولهاڙي ندي جو پاڻي اچڻ سبب 22 ورهين جي انعم پنهنجي 2 پٽن کي بچائيندي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويئي، ان کانسوا ڪيترائي گهر ۽ انهن ۾ موجود سمورو سامان، 45 ٻڪريون ۽ 10 کان وڌيڪ ڍور پڻ لڙهي ويا آهن. سڌسماءُ جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي مطابق ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي جي نگراني ۾ ايڌي رضاڪار ڪار سوار ماڻهن جي ڳولا ۾ مصروف آهن. حادثي جو شڪار ٿيل ڪار جي ڊرائيور عبدالرحمان جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته رحمان پنهنجي ڪار ۾ حيدرآباد اچي رهيو هو ته قائدآباد مان ڇهن ڀاتين تي مشتمل هڪ ڪٽنب کيس چيو ته اسان کي به کنيو هل، هو ڪٽنب کي کڻي حيدرآباد لاءِ نڪتو ۽ ڪالهه شام 6 وڳي کانپوءِ ڀا سان ٻيهر رابطو نه ٿيو آهي. هڪ ٻئي واقعي ۾ ڊملوٽي نمبر 6 تي هاشم مهر علي ڳوٺ جو رهواسي 65 ورهين جو محمد خان جوکيو ملير ندي پار ڪندي پاڻي جي وهڪري لڙهي ويو. ٻئي طرف ڪلوئي ڀرسان ستون ميل وٽ ڪولھي برادري جي عورت مراکان ڪولهي تي ديوار ڪري پئي، نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پئي.ٽنڊي الهيار ۾ برسات سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڳوٺ نندو موري ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو ڪرشن ڪولهي فوت ٿي ويو ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته شهر جي طالب المولي ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب سانوڻ خاصخيلي فوت ٿي ويو ۽ هڪ عورت پڻ زخمي ٿي. لاڙڪاڻي جي الهھ آباد محلي جي گولي مار گھٽي ۾ ڪچن ٺهيل 3 گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪري پيون، لاڙڪاڻي جي لهر ڪالوني ۾ تيز برسات سبب زيبسٽ ڪاليج جي نائب قاصد شاهد حسين جتوئي جي جڳهه ڪري پئي نتيجي ۾ شاهد حسين جتوئي، سندس 5 سالن جو پٽ علي، 3 سالن جي ڌيءَ بيبي ۽ ڏيڍ سال جي فاطمه، گهر واري ۽ 70 سالن جو پيرسن والد سڪندر جتوئي سخت زخمي ٿيا جن کي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرايو. زخمي شاھد جتوئي ٻڌايو ته گهر ڊهڻ سبب مون سميت 7 گهر ڀاتي سخت زخمي ٿيا آهن. شهر جي مراد واهڻ محلي ۾ محمد ملوڪ جتوئي جي واڙي جو ڇاپرو ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٽي مينهون مري ويون ۽ ٽي مينهون زخمي ٿي پيون. جڏهن ته حيدرآباد جي علائقي مهر علي ۽ لطيف يونٽ نمبر 5 جا رهواسي 15 ورهين جو حسيب ۽ 18 ورهين جو سلمان عالم ٻڏي ويا. رات دير تائين نوجوانن جي ڳولا جاري هئي. حيدرآباد ۾ لڳاتار برسات جي وسڻ سبب پڪي قلعي ۾ ھڪ گھر جي ڀت ڪري پئي، صدر ۾ حيسڪو جي سب ڊويزن آفيس جي ڇت جو ڪجهھ حصو ڪري پيو، ريل گاڏين جي آمد گھٽ رھي، زوردار برسات سبب ڪاروباري مرڪز بند رھيا ۽ شھري گھرن تائين محدود رھيا. دادو شھر جي باگڙي ڪالوني ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب هيٺان دٻجي ڌرم داس باگڙي فوت ٿي ويو، سندس پٽ ڦتو باگڙي، آرتي زال پريم داس، ثمرن ڌي پريم داس، فتل داس پٽ درمون داس زخمي ٿي پيا. چوهڙ جمالي ويجهو يوسي مريد کوسو جي ڳوٺ آلھڏنو اوٺو ۾ پورھيت نالي صديق ملاح جو گھر زوردار برسات سبب ڊھي پيو جنھن ھيٺ پاڻ دٻجي فوت ٿي ويو.راڄوخاناڻي ويجهو ڳوٺ جميل ڪمبوه ۾ گهر ڊهڻ سبب 60 ورهين جي شميم اختر دٻجي فوت ٿي ويئي ۽ سندس مڙس ارشد ڪمبوه شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي انتهائي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو. دوداپور ويجهو دائو جهانپور جي ڳوٺ رضوان آباد اوڍو ۾ پورهيت ميرگل جو گهر ڪرڻ سبب چئن سالن جو معصوم پٽ علي شير ولد مير ڪلر ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويو، جنھن جي لاش کي پاڙي وارن ۽ وارثن ملبي هيٺان ڪڍيو معصوم نينگر جي فوت ٿيڻ تي سندس گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو. ڳڙهي حسن جا 40 کان مٿي ڳوٺ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ۽ 70 کان مٿي گهر ڊهي پيا ڪافي ڳوٺن جا زميني رابطا ڪٽجي چڪا آھن. ڳوٺ محمد پناهھ کوسو ۾ تاج محمد جمالي نيڪ محمد جمالي دين جمالي جا گهر ڊھڻ سبب ٽئي ٻڪريون دٻجي مري ويون، ٽئي ٻارڙا امداد علي. فاطمه ۽ فريدا خاتون ۽ ٻہ پورهيت تاج محمد ۽ نيڪ محمد جمالي زخمي ٿي پيا. وارهه ۾ جي سچل ڪالوني ۾ پورهيت صدام سولنگي جي جڳھه ڪري پئي جنهن ۾ متاثرين جو گهريلو سامان تباهه ٿي ويو. قمبر جي سنيئر صحافي طفيل احمد چانڊيو جي گهر جي ڇت برسات پوڻ سبب ڪري پئي گهر ۾ پيل سمورو قيمتي سامان دٻجي ويو. ميرو خان ۾ برسات سبب گلشن آباد پاڙي ۾ پورهيت محرم ڀنگر جي گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ پيرسن شهزادي ڀنگر زخمي ٿي پئي جنهن کي لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. ڀٽي پاڙي ۾ مسجد جي پيش امام وڪيل جاگيراڻي ۽ شيخ محلا ۾ خادم حسين ڀٽي جا گهر ڊهي پيا جنهن کان پوءِ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڇتن بخاري ۾ علي حسن اسلامي جي گھر جي ڇت ڪري پئي، جنھن سبب چار مھينن جي ٻارڙي صوبيہ اسلامي دٻجي فوت ٿي وئي، علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻارڙي صوبيہ جو لاش ملبي مان ٻاھر ڪڍيو. تيز برسات سبب نوابشاهه شھر جي علائقي منوآباد ۾ عبدالجميد کوکر جي گھر جي ڇت ڪرڻ سبب گھر مالڪ زخمي ٿي پيو، جنھن کي پي ايم يو اسپتال داخل ڪيو ويو. دادو ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات سبب مختلف علائقن ۾ 10 کان وڌيڪ گهر ڊهي پيا آهن جنهن ۾ دادو شهر جي جنيد ڪالوني ۾ پورهيت صابر سولنگي جي گهر جي ڀت ڪري پئي، ساماڻو گوپانگ محلا ۾ پورهيت سڄڻ جي گهر جي ڀت ڪري پئي، حُسن آباد ڪالوني ۾ پورهيت سليمان ملاح ۽ پورهيت اڪبر سومرو جي گهرن جون ڇتون ڪري پيون. شاهنواز گوپانگ محلا ۾ الهورايو گوپانگ جو گهر ڪري پيو آهي، نادر پنهور، شاهن ملاح، قربان ملاح جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. سامارو ڀرسان ڳوٺ نور خان ڌونڪائي ۾ گھر جي ديوار ڪرڻ سبب نوجوان رانجھو ڌونڪائي زخمي ٿي پيو، ڍورونارو لڳ ڌڙو تي گھر جي ڪمري جي ڇت ڪري پئي جنھن جي نتيجي ۾ رسول بخش چوھاڻ، حسين بخش چوهاڻ، نصيبان چوھاڻ سخت زخمي ٿي پيا. ٿرڙي محبت ۾ سميجه محلي ۾ ٽن پورهيتن نورمحمد سميجو الله رکيو سميجو ‘ محمد علي سومرو جي گهر جون ڇَتيون ڪري پيون، جڏهن ته ناريجه محلي ۾ تيزبرسات ۾ ڇت تي بيٺل پاڻي نيڪال ڪندي پورهيت محڪم الدين ناريجو ڇت تان ڪري زخمي ٿي پيو. مسڻ وڏي ۾ تيز برسات سبب مرحوم مشتاق احمد ملاح، احمد ملاح، سليمان ملاح، هاشم ملاح، علي محمد ملاح، نظير ملاح، اسلم لغاري، مرحوم اصغر لغاري، علي محمد سمون، مير خان، صوڀو ميگهواڙ، ڀيمون ميگھواڙ، ڀورو، ڏلو، پريتم، پرديپ، موهن، انيدو، ڀليو، ڪماريو، گنگيو، بيوه مکي ميگھواڙ، ھريش ميگھواڙ،رسجيش، نديم ميگھواڙ، راجيش، ارجن، هرشن، نندو ميگھواڙ، ماليهو، بيوه لاکيو، تيرٿ، موتي ميگھواڙ، پھلاج، مولچند، شنڪر، ڪامراج، گانڌي، ميگھواڙ ،بيوه اسو، خليل ميئو، علي محمد لوهار سميت 50 کان مٿي ماڻهن جا گھر برسات سبب پٽ پئجي ويا، متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، چونڊيل نمائندن سميت ضلعي ٽنڊوالهيار جي اختيارين ڪو به رابطو نه ڪيو. سيٺارجا ڀرسان ڳوٺ ڇتن شاهھ بخاري ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب چئن مهينن جي معصوم نينگري صوبيا دٻجي فوت ٿي وئي، ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين معصوم نينگري جو لاش ملبي هيٺ پيل رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button