پاڪستانسنڌ

برسات متاثر ضلعن ۾ رليف لاءِ فوري 30-30 لک جاري ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (بيورو رپورٽ) برساتن سبب متاثر ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي امدادي ڪمن لاءِ30- 30 لک رُپيا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب سنڌ جي چيف سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اعلي سطح اجلاس ٿي گذريو، جنهن ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي ته متاثر ضلعن لاءِ فنڊز اڄ ئي جاري ڪيا وڃن. محمد سهيل راجپوت اجلاس ۾ برساتن سبب متاثر ماڻهن کي فوري طور امداد راشن ۽ ٽينٽ سميت ٻين ضروري شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. چيف سيڪريٽري لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته برساتن سبب متاثر علائقن ۾ گيسٽرو سميت ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ پڻ جوڳا قدم کنيا وڃن. جڏهن ته برساتن سبب متاثر ٿيندڙ انفراسٽرڪچر ۽ فصلن جي نقصان جو به درست ڪاٿو لڳايو وڃي. تازين برساتن جي بعد ٿيڻ واري صورتحال جي بابت اهم اجلاس ۾ سمورن ڊويزنل ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ، واسطيدار سيڪريٽريز ۽ ڊائريڪٽر جنرل صوبائي ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي صورتحال کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 220 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي آهي. هن ٻڌايو ته عمرڪوٽ، ملير، ڄامشورو، دادو، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد، مٽياري، بدين، ٺٽو ۽ سجاول ۾ برسات سبب انفراسٽرڪچر ۽ عوام جي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت برساتن کان متاثر ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي رليف جي ڪمن لاءِ فوري طور تي 30-30 لک روپيا جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هن هدايت ڪندي چيو ته برسات جي پاڻي جي نيڪال ڪرڻ جي نظام کي يقيني بڻائي سگهجي. چيف سيڪريٽري سنڌ وڌيڪ چيو ته برسات کان متاثر ماڻهن کي راشن، ٽينٽ ٻيو ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي. جتي وڌيڪ صورتحال خراب هجي اتي برسات متاثرن ماڻهن کي اسڪولن ۾ رکيو وڃي. پي ڊي ايم اي پاران ٽينٽ، راشن بيگز فراهم ڪيا وڃن. ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ غيرمعمولي برسات کان انفراسٽرڪچر ۽ زراعت کي وڏو نقصان ٿيو آهي. سمورا ڪمشنرز انفراسٽرڪچر، عوام جي جاني ۽ مالي نقصان ۽ زراعت جي نقصان جو ڪاٿو لڳائي ڪري رپورٽ پيش ڪن. چيف سيڪريٽري سنڌ صحت کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته برسات متاثر علائقن ۾ گيسٽرو ۽ ٻين بيمارن جي دوائن کي يقيني بڻايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button