اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

لگزري شين جي درآمد تان پابندي ختم،نوان ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد:حڪومت طرفان امپورٽ تان پابندي هٽائڻ ۽ تمباڪو تي 36 ارب رُپيا ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. واپارين تي لڳايل فڪس ٽيڪس پڻ واپس وٺي ڇڏيو. ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن سبب لگزري آئيمز تي مڙهيل پابندي هٽائي رهيا آهيون. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مفتاح اسماعيل چيو تھ آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته اسان امپورٽ تان پابندي هٽايون، بورڊ اجلاس کان اڳ اها پابندي هٽائڻ جو چيو ويو هو. آءِ ايم ايف جا سمورا شرط پورا ڪري ڇڏيا آهن، 29 آگسٽ تي بورڊ جي اجلاس بعد قرض ملي ويندو. الله جو شڪر آهي اسان جو پاليسيون ڪارائتيون ثابت ٿي رهيون آهن.مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي شرط تي لگزري آئيٽمز تي مڙهيل پابنديون هٽايون وينديون پر وڏين گاڏين تي ڊيوٽيز لڳايون وينديون، جيتريون به ڊيوٽيز آهن، اُنهن تي ٽيڻ تي ريگوليٽري ڊيوٽيز لڳايون وينديون. ناڻي واري وفاقي وزير ٻڌايو ته امپورٽ تي ٽي ڀيرا 400 کان 600 سيڪڙو تائين ڊيوٽي لڳائينداسين، مرسڊيز سميت گاڏين تي وڌيڪ ڊيوٽي لڳائينداسين. ڪسٽمز ڊيوٽي، ريگوليٽري ڊيوٽي ۽ سيلز ٽئڪس لاڳو ڪنداسين. مڪمل تيار ٿيل گاڏين، موبائيل فونز تي واڌو ڊيوٽي لڳائي ويندي. پرس، جوتن سميت ٻين لگزري شين جي امپورٽ تي به واڌو ڊيوٽي لڳائينداسين. سندس چوڻ هو ته ريٽيل ٽئڪس ڪليڪشن 48 ارب مان گهٽائي 27 ڪري ڇڏيو آهي. اميد آهي ته ريٽيل ٽئڪس ڪليڪشن مان 27 ارب رپيا گڏ ڪري وٺنداسين، هاڻي حڪومت نان فنڊيڊ سبسڊي به نه ڏيندي. ناڻي واري وزير چيو ته ٻن مهينن کان امپورٽ ڪنٽرول ۾ آهي، آگسٽ ۾ امپورٽ ۾ 8 سيڪڙو واڌ ٿي. جڏهن ته آگسٽ ۾ امپوررٽ ۾ 19 سيڪڙو تائين لاٿ آئي آهي، جنهن ڪري واپاري خساري ۾ 30 سيڪڙو لاٿ آئي آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته 10 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪري چڪا آهيون، کاڄرو تيل ۽ گيهه سميت ٻيون شيون به امپورٽ ڪندا آهيون، اسان جي پهرين ترجيح 23 ڪروڙ عوام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button