پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ هٿياربندن منهڙو واسي حافظ کي قتل ڪري ڇڏيو

منهڙو: منهڙو جي ڳوٺ رسول بخش ڏاهري جو رهواسي 28 سالن جو نوجوان حافظ الله بخش پٽ امام علي ڏاهري ڪراچي ۾ نامعلوم هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويو. وارثن مطابق نوجوان حافظ الله بخش ڏاهري ڪراچي جي جنجهار ڳوٺ ۾ رهندو هو، جيڪو مدرسي ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏيندو هو، گذريل رات مدرسي کان واپس گهر ايندي نامعلوم هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ٻي طرف ڪراچي مان نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن علائقي واسين ۽ سندس برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button