اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي وارن کي اسيمبلي وڃڻ جو چيو،انهن بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو:چيف جسٽس

اسلام آباد : چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته اسيمبلي جي هاڻوڪن ميمبرن کي ذاتي فائدي لاءِ قانون سازي نه ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي شنوائي دوران چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏنا ته ملڪ غيرمعمولي حالتن مان گذري رهيو آهي. پي ٽي آءِ جا 150 ميمبرن اسيمبلي جو بائيڪاٽ ڪري ويهي رهيا آهن، کين ڪيئي دفعا چئي چڪا آهيون ته اسيمبلي وڃي پنهنجو ڪردار ادا ڪريو. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسيمبلي ۾ موجودا ميمبرن کي ذاتي فائدي لاءِ قانون سازي نه ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ قانون سازي ۾ مداخلت نٿي ڪرڻي چاهي، اسان رڳو بنيادي حقن خلاف ترميم ٿيڻ واري نقطي جو جائزو وٺنداسين. هاءِ پروفائيل ڪيسز جو رڪارڊ کڻي رڳو ڏسي رهيا آهيون ته ڪيس هلندا يا نه. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ آئين تحت هلندڙ سمورن ادارن کي مڪمل سپورٽ ڪندي آهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي پهرين سپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button