اسلام آبادپاڪستان

شهباز گِل کي سومر تائين اسپتال ۾ رکڻ ۽ ٻيهر ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد :اسلام آباد جي مقامي عدالت عمران خان جي چيف آف اسٽاف شهباز گِل کي سومر تائين پمز اسپتال ۾ رکڻ ۽ ٻيهر ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. بغاوت ڪيس ۾ گرفتار شهباز گِل جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي کيس اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ سيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس وڌيڪ 8 ڏينهن جي فزيڪل رمانڊ جي استدعا ڪئي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته پهريان ٻن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو ويو. توهان اٺ ڏينهن جي درخواست ڇو کڻي آيا آهيو؟ توهان شهباز گِل جو 8 ڏينهن جسماني رمانڊ ڇو گهري رهيا آهيو؟ شنوائي دوران شهباز گِل جي وڪيل فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ چيو ته شهباز گِل جي بيماري توهان ڏسي ورتي آهي. ميڊيڪل رپورٽ مان به لڳي رهيو آهي ته مٿس تشدد ڪيو ويو. اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي پنهنجن دليلن ۾ چيو ته عدالت جسماني رمانڊ ڏيندي آهي ته جاچ آفيسر جي ذميواري آهي ته هو جوابدار جي صحت جو ڌيان رکي. شهباز گِل کي جڏهن داخل ڪيو ويو ته سندس طبي معائنو ڪيو ويو هو. عدالتي آرڊر کانسواءِ به جاچ آفيسر ايمرجنسي طبي معائنو ڪرائي سگهي ٿو. اهو ڪٿي ناهي لکيل ته ڪو بيمار هجي ته جسماني رمانڊ نٿو ڏئي سگهجي، جنهن تي عدالت چيو ته جيڪو ايڊيشنل سيشن جج جو آرڊر هو اسان کي اهو ڏسڻو آهي. شهباز گِل جي وڪيل پوليس جي جسماني رمانڊ جي درخواست جي مخالف ڪئي. جڏهن ته شهباز گِل عدالت ۾ چيو ته سندس حقيقي رپورٽ اها ناهي جيڪا پيش ڪئي وئي آهي. عدالت اصل رپورٽ گهرائي. اسپيشل پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ ۾ جيل جا ڊاڪٽر به موجود هئا، جيل ڊاڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن جوابدار اسان وٽ آيو ته ان وقت جوابدار کي ڪو به مسئلو نه هو. جوابدار جي رپورٽ معمول موجب هئي. جيل ڊاڪٽر ٻڌايو ته شهباز گِل کي مسئلو ان وقت ٿيو، جڏهن عدالت جسماني رمانڊ جو فيصلو ڪيو. فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ چيو ته هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر جي ضرورت ناهي. عدالت چيو ته سومر تي ميرٽ جي بنياد تي ڪيس ٻڌو ويندو. اسپيشل پراسيڪيوٽر شهباز گِل جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي. جڏهن ته فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ چيو ته تسليم ٿيو ته جاچ آفيسر کي اڊيالا جيل مان شهباز گِل جي حراست ڏني وئي هئي. فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ وڌيڪ چيو ته پوليس جيڪو رمانڊ جو پرچو ڏنو آهي، ان موجب به پوليس مڃي رهي آهي ته رمانڊ مڪمل ٿي چڪو آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد شهباز گِل سان وڪيلن کي ملڻ جي اجازت ڏني ۽ پوليس طرفان جوابدار جي جسماني رمانڊ تي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو. جڊيشل مجسٽريٽ راجا فرخ علي خان پهريان کان محفوظ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته شهباز گِل جي حالت خراب آهي کيس سومر تائين پمز اسپتال ۾ رکيو وڃي ۽ سندس ٻيهر ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائي وڃي. ڊيوٽي جج فيصلو ۾ چيو ته شهباز گِل جي وڪيلن طرفان جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ جي استدعا رد ڪيا ٿو. شهباز گِل جو جسماني رمانڊ اڃا شروع ئي ناهي ٿيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ميڊيڪل بورڊ شهباز گِل کي بلڪل فٽ قرار ڏيندي چيو هو ته مٿس ڪنهن به قسم جو تشدد ناهي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button