پاڪستانسنڌ

شاهپور چاڪر ۾ ڪيترائي گهر پٽ، متاثر امداد لا پريشان

شاهپور چاڪر: شاهپورچاڪر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 48 ڪلاڪن کان وسندڙ برسات سبب ڪيترائي گهر ڊھي پٽ ٿي ويا، ريلوي ڪالوني ۾ عمريو سوچي، پپو سوچي، شاهمراد بلوچ ۽ صدام خاصخيلي جا گهر ڊھي پيا. جڏھن ته ڪيترن ئي گهرن ۾ ڏار پئجي ويا، متاثر خيما ۽ پلاسٽڪ لڳائي برسات کان بچڻ لا کليل آسمان هيٺ بک تي ويٺل آهن، جن جي ڪنهن به واهر ناهي ڪئي. ڳوٺ گل حسن ڏاهري ۾ به نيرو ڪولهي، غلام حسين جهلڻ، ڏاڙھون، لعل بخش ۽ ٻين جا گهر ڊھي پٽ ٿي ويا. ڳوٺ ڪرم الله ڏاهري لڳ محمد بخش ڏاهري، بلاول ڏاهري، انور علي ڏاهري، گل محمد ڏاهري ۽ عبدالحڪيم ڏاهري جا گهر ڪري پيا، محمد اسماعيل ڏاهري جي گهر جو مَنهُ ڪرڻ سبب سندس ڀلو ڏاند مري ويو. متاثرن چيو ته گذريل 48 ڪلاڪن کان وسندڙ برسات سبب سندن گهر ڪري پٽ ٿي ويا آھن، ٽن ڏينهن کان ٻارن سميت بک تي آهيون، پر ڪير به واهر ڪرڻ وارو ناهي، چونڊيل نمائندا مدد ڪرڻ بدران گم آهن. هنن مطالبو ڪيو ته نقصان جو ازالو ڪري راشن ۽ خيما ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button