پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي جي سرڪاري اسڪول ۾ قائم رليف ڪئمپ به ٻڏي وئي

ڊگھڙي: ڊگهڙي شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ برسات کانپو صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي. برسات متاثر واهن ۽ شاخن روڊن جي ڪپرن تي کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، پر تعلقي انتظاميه گم آهي. متاثرن چيو ته اي سي سميت ڪو به سرڪاري آفيسر سار لهڻ لا ناهي پهتو، نه ئي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. گورنمينٽ بوائز هائي اسڪول ۾ قائم رليف ڪئمپ پاڻي ۾ ٻڏل آهي، جنهن ڪري اسان پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون. ڳوٺ نور محمد موسيپوٽا،فقير غلام علي لغاري، عبدالحميد خير، حاجي عثمان مهر، ديھهه 77 ۽ ديهھ 161 سميت سمورو تعلقو پاڻي جي لپيٽ ۾ آهي. شهر ۾ سرفراز واھه ۾ پاڻي اوور ٽاپ ٿي جيلاني پاڙي ۽ مير جان محمد ڪالوني جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي، جنهن سبب ماڻھو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ٿي ويا، تعلقي اسپتال جي رهائشي ڪالوني جي گهرن ۾ پاڻي ڪاهي پيو، ڊائيلاسز سينٽر، مرده خانو ۽ اسپتال جي گهڻي ڀاڱي ايراضي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي وئي. پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي مير طارق خان ٽالپر ڳوٺ ديھه 170 ڀرسان ايل بي او ڊي کي لڳل گهاري واري جا تي پهچي جائزو ورتو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي گهارو بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آبادگارن چوڌري سيف الله گل،فقير اورنگزيب لغاري، فيض محمد رمداڻ ۽ ڪاشف اڪبر جوڻيجو چيو ته ڊگهڙي تعلقي کي آفت سٽيل قرار ڏئي زراعت جي ٿيل نقصان تي آبادگارن کي اسپيشل رليف پيڪيج ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button