پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ پراڻ اوور ٽاپ، پاڻي 30 گهرن کي ٻوڙي ڇڏيو

جهڏو: جهڏو ۾ بائي پاس جي هريجن ڪالوني ۾ پراڻ جو پاڻي پلٽڻ جي ڪري 30 کان وڌيڪ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب ڳوٺاڻا پنهنجا اجھا ڇڏي مين روڊ تي تنبو ۽ مريم فائونڊيسن اسڪول ۾ ويهي رهيا. مختلف هنڌن تي پراڻ ڍوري ۽ سم نالن جو پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ ۽ گهارا پوڻ سبب لاتعداد ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جنهن سبب ماڻهو بي يارو مددگار روڊن تي آهن، پر ضلعي ميرپورخاص انتظاميا سندن واهر ناهي ڪئي. ٻوڏ متاثرن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ٽن ڏينهن کان مسلسل بک تي آهيون، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، سرڪار ڪابه واهر نه ڪئي آهي. هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فورن ٽينٽ، راشن ۽ دوائون فراهم ڪيون وڃن. عوامي تحريڪ اڳواڻ ايڊووڪيٽ ممتاز کوسي، محب ڀيل، قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ شاهد ڪلوئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ قادر ڀنڀرو، رفيق کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ فورن قدم کنيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button