پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ برساتن سبب ڪيترائي روڊ اکڙي تباهه

ڇاڇرو: ڇاڇري تعلقي جي اڪثر ڳوٺن جا ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺاهيل روڊ برساتي پاڻي ۾ لڙهي ويا، برساتي پاڻي بيهڻ سبب ڪيترائي روڊ اکڙي ويا. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن راجا چارڻ، محمد ملوڪ، نور زمان گجو، دلبر گجو، نظر محمد ۽ ٻين دانهيندي چيو ته روڊ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن. 60 کان 70 ملي ميٽر پيل برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، ترقياتي رٿائن ۾ عملدارن جي مبينا ڪروڙين رپيا ڪرپشن سبب روڊ هر سال برساتن ۾ اکڙي لڙهي ويندا آهن، ناقص مٽيريل ۽ ڪچي ريت جي ڀرائي هئڻ سبب روڊ اکڙي ويندا آهن، پاڻي جي گذرڻ لا ننڍيون موريون تعمير نه ڪرڻ سبب روڊن ۾ کڏا پئجي ويا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڳوٺ چانور کان ٺارو رند ۽ ڇاڇرو کان ڪروڙو ويندڙ روڊ برساتن سبب اکڙي تباھه ٿي رهيا آهن، پر ضلعي انتظاميا نوٽيس ناهي ورتو. ٻئي پاسي ڇاڇرو کان کينسر ۽ ڇاڇرو کان ساڪريو ويندڙ روڊ ڪيترن ئي هنڌن کان اکڙي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button