اسلام آباد: ملڪ ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 3 ڏهائي 35 سيڪڙو واڌ ٿي وئي. جڏهن ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي گڏيل شرح 42 ڏهائي 31 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. هڪ هفتي دوران بجلي جي اگهه ۾ 68 پئسا في يونٽ واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ في يونٽ 9 ڏهائي 8 مان وڌي 9 ڏهائي 70 رپين جو ٿي ويو آهي. ڳڻپ واري کاتي هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ 25 عام واهپي واري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي. ٽماٽا 18 رپيا 55 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا، جيئري ڪڪڙ 19 رپيا 12 پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. آنن جي في درجن اگهه ۾ 3 رپيا 34 پئسا واڌ ٿي جڏهن ته دال ماش هڪ رپيو، مڱن جي دال 3 رپيا في ڪلو مهانگي ٿي وئي، 20 ڪلو اٽي واري ٿيلهي جي اگهه ۾ 36 پئسن جي واڌ ٿي. هاڻوڪي هفتي ٻڪر جي گوشت، بصر ۽ کير جا اگهه به وڌيا. ڳڻپ واري کاتي موجب هاڻوڪي هفتي ايل پي جي جو گھريلو سلينڊر،گيهه، مهري دال سستي ٿي، هاڻوڪي هفتي کنڊ جي اگهه ۾ لاٿ ٿي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close