اسلام آبادپاڪستان

توهين معاملي ۾ عمران اليڪشن ڪميشن طلب،ايف آئي اي به نوٽيس ڏيندو

اسلام آباد :ليڪشن ڪميشن اداري جي توهين تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، پارٽي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي طلب ڪري ورتو. جڏهن ته ايف آءِ اي به غير قانوني فنڊنگ ڪيس بابت عمران جي موقف کي رد ڪندي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ کيس ٻيهر نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪميشن ترجمان موجب عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي توهين اليڪشن ڪميشن جا نوٽيسز جاري ڪندي کين 30 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته عمران خان کي 30 آگسٽ 2022ع تي ذاتي حيثيت يا وڪيل ذريعي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي پڻ ذاتي حيثيت يا وڪيل ذريعي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.پي ٽي آءِ جي غير قانوني فنڊنگ ڪيس جي جاچ جي معاملي تي ايف آءِ اي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو موقف رد ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب ايف آءِ اي غير قانوني فنڊنگ ڪيس بابت عمران جي موقف کي رد ڪندي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ کيس ٻيهر نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايف آءِ اي ذريعن ٻڌايو ته 3 ڀيرا نوٽيس جاري ڪرڻ کانپوءِ عمران خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويندا. ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي وڌيڪ 5 ڪمپنين جو پتو پڻ لڳايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button