اسلام آبادپاڪستان

اڄ ريلين جو اعلان/شهبازگل تي ذهني ۽ جنسي تشدد ڪيو ويو:عمران

اسلام آباد :تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڄ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪندي الزام هنيو آهي ته تصويرون ۽ ويڊيوز ۾ واضح ٿي چڪو آهي ته شهباز گِل کي ذهني ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته شهباز گِل تي تشدد ۾ جنسي زيادتي به شامل آهي، سندس عزم کي ٽوڙڻ لاءِ ذليل ڪيو ويو. مون وٽ مڪمل تفصيلي معلومات آهي. عمران خان وڌيڪ چيو ته اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته هن تشدد ناهي ڪيو، منهنجو سوال اهو آهي ته شهباز گِل تي تشدد ڪنهن ڪيو؟ عوام ۽ اسان جي ذهنن ۾ هڪ خيال آهي ته ايترو ڀوائتو تشدد ڪير ڪري سگهي ٿو. ياد رکو عوام ردعمل ڏيندو، ذميوارن جو پتو لڳائڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. هوڏانهن عمران خان اڄ شهباز گِل جي آزادي لاءِ هڪ ريلي جي قيادت ڪندو. ذريعن موجب شهباز گِل جي آزادي لاءِ عمران خان راولپنڊي جي لياقت باغ کان فيض آباد تائين ريلي جي اڳواڻي ڪندو. هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آهي ته شهبازگِل جو دفاع ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف بيٺي آهي. هو پاڪستان تحريڪ انصاف جو اثاثو آهي جنهن ڪيئي قربانيون ڏنيون آهن. بابر اعواڻ چيو آهي ته شهباز گِل تي اهڙو تشدد ڪيو ويو جيڪو نه ٻڌائي سگهجي ٿو نه ڏيکاري سگهجي ٿو. ميڊيا جا ماڻهو به رڙيون ڪري چئي رهيا آهن مٿس تشدد ڪيو ويو آهي، آءِ جي جاچ لاءِ هڪ اشتهار جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جنهن کي به تشدد بابت پتو آهي اهو اچي ٻڌائي. سندس چوڻ هو ته جيل جي ميڊيڪل آفيسر چيو ته شهباز گِل کي ننڍپڻ کان ساهه جو مسئلو آهي، سرڪاري اسپتال ۽ سرڪاري ڊاڪٽرن تي اعتماد نٿو ڪري سگهجي، شهباز شريف بابت چيلهه ۾ تڪليف جي رپورٽ ڏني وئي هئي، نواز شريف کي پليٽليٽس مسئلو ٻڌايو ويو هاڻي هو مزا ڪري رهيو آهي، اصل حڪومت لنڊن مان ٿي رهي آهي، شهباز گِل تي عمران خان خلاف بيان ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي چيف آف اسٽاف شهباز گِل سان ملاقات لاءِ پاڪستان پمز پهتو پر کيس شهباز گِل سان ملاقات جي اجازت نه ملي سگهي. عمران خان شهباز گِل سان ملاقات لاءِ اسپتال ٻاهران پنهنجي گاڏي ۾ انتظار ڪندو رهيو. جڏهن ته پوليس طرفان کيس شهباز گِل سال ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ کيس عدالت کان اجازت حاصل ڪرڻ جو چيو ويو. عمران خان ملاقات جي اجازت نه ملڻ کانپوءِ ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واپس روانو ٿي ويو، ان دوران ڪارڊيالوجي وارڊ ٻاهران تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته شهباز گِل سان ملڻ جي ڪنهن کي اجازت ناهي ۽ اسپتال ۾ واڌو نفري مقرر ڪئي وئي هئي. ترجمان موجب عوام يا ڪو به شخص ملاقات جي ڪوشش ڪري امن امان جي صورتحال خراب نه ڪن. ترجمان جو چوڻ هو ته اسلام آباد پوليس اسپتال ۾ سيڪيورٽي جو مناسب بندوبست ڪيو آهي، جوابدار جسماني رمانڊ تي ناهي ۽ ساڻس ملاقات جي اجازت ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button