اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

15 لک متاثر خاندانن ۾ 25-25 هزار امداد ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي:وزيراعظم

اسلام آباد :شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 15 لک ٻوڏ متاثر خاندانن کي فوري طور تي 25 هزار روڪ امداد ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته تازين برساتن سبب 15 لک خاندان متاثر ٿيا، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصانن جي جائزي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جاني ۽ مالي نقصان جي ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر کي نقصان رسيو آهي، سڀ کان گهڻي تباهي بلوچستان ۾ ٿي آهي جتي سوين ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، اسان سڀني کي هن چئلينج سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ 15 لک ٻوڏمتاثر خاندانن کي فوري طور 25 هزار روڪ امداد ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته تباهي جي شدت ڌيان ۾ رکندي امدادي رقم جي ورهاست جي شروعات بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن کان ڪئي وئي آهي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته فلڊ رليف ڪيش پروگرام تحت 37 ڏهائي 2 ارب رُپيا 90 لک ماڻهن تائين فوري طور پهچائي رهيا آهيون، هي امدادي رقم گڏيل سروي بعد جاني ۽ مالي نقصان جي مد ۾ ڏني ويندڙ فرق کانسواءِ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button